لاڙڪاڻي ۾ نوجوان کان ڦر، فائرنگ، نينگر مرڻينگ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد شيخ زيد ڪالوني ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورن موبائيل فون ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري گهران شيءَ وٺڻ لاءِ نڪتل 9 سالن جي نينگر عبدالله پٽ يونس مغيري کي سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، اطلاع تي نينگر جي وارثن پهچي کيس زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نينگر جي وارث عامر مغيري ٻڌايو ته اسان جو نينگر عبدالله مغيري گهر مان پاڙي جي دڪان تي شيءَ وٺڻ لاءِ ويو جتي گهر ٻاهريان ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پاڙي جي نوجوان کان موبائيل فون ڦر ڪئي جتي مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ نينگر عبدالله مغيري زخمي ٿيو آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته هٿياربند ڦورن کي گرفتار ڪري بدامني کي ٻنجو ڏنو وڃي ٻي صورت احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمي نينگر جو علاج پڻ هلندڙ هو.

هالاڻي ۾ بدامني، مسجدن مان بيٽريون ۽ ٻيو سامان چوري

ھالاڻي (ن ع آ)ھالاڻي پوليس ۾ سياسي بنياد جي عيوض رکيل ھالاڻي ٿاڻي پوليس ڏوھه روڪرائڻ ۾ مڪمل خاموش نظر اچڻ لڳي، جڏھن ته ھالاڻي شھر جي چئن مسجدن مان چور بيٽريون يو پي ايس باآساني سان چور چوري ڪري فرار ٿي ويا. جڏھن ته ھالاڻي جي قديمي محراب مسجد جي ڀرسان لڳل ٽرانسفار چور لاھي باآساني سان ٽرانسفارمر جو ڪوائلون چوري ڪري فرار ٿي ويا.

دريا خان مري ويجهو ٽريڪٽر ٽرالر جا ٽائر ڌماڪي سان ڦاٽي پيا، ڪلٽي، روڊ بلاڪ

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري نوشھرو فيروز روڊ چاناري اسٽاپ وٽ ڪمند سان اوور لوڊ ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي جا ڌماڪي سان ٽائر ڦاٽي پيا ڌماڪي جو آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو ٽرالي جا ٽائر ڦاٽڻ سبب ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، جڏھن ته ٽريڪٽر ڊرائيور جمپ ڏئي جان بچائي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون روڊ بلاڪ ھجڻ سبب وڏي تعداد م بيھجي ويون.

ٽنڊي غلام حيدر لڳ رڪشو اونڌو، ٻارن سميت 5 ڄڻا زخمي

ٽنڊو غلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان شاھ واھ موري بس اسٽاپ حيدرآباد_بدين روڊ تي تيزرفتار چنگچي رڪشاءُ اچانڪ روڊ ڀرسان اونهي کاهي ۾ ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد واسي رجب علي، ڪنول،پوپري،ملڪان،ڪاشف سميت ننڍڙا ٻارڙا پڻ سخت زخمي ٿي پيا جڏھن ته زخمين کي وارثن پاران ٽنڊوغلام حيدر ۽ تلهار جي سرڪاري اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي رجب علي ملاح کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سيول اسپتال اماڻي ڇڏيو،جڏھن ته زخمي حيدرآباد کان بدين مائٽن ڏانهن شادي ۾ وڃي رهيا هئا ته تيزرفتاري سبب رستي ۾ حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.