لعلو رائنڪ ۾دڪان جي ڇت ٽوڙي چوري جي ڪوشش، اين سي داخل

لعلورائنڪ (ن ع آ ) لعورائنڪ لڳ   وڳڻ ۾ بدامني کي ٻنجو نه اچي سگھيو مک چؤنڪ تي موبائيل فون جي دڪان جي ڇت ٽوڙڻ جي  ڪوشش اين سي داخل خبر موجب لعلورائنڪ لڳ وڳڻ ۾ بدامني کي ٻنجو نه اچي سگھيو شھر جي مک چؤنڪ تي فوجي موبائيل فون جي دڪان کي نامعلوم چورن پاران ڇت ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان سلسلي ۾ دڪاندار فوجي سڪندر علي مغيري ٻڌايو ته مک چؤنڪ تي پوليس اھلڪار ۽ چوڪيدار مقرر ٿيل آهن ان باجود به چوري جون وارڌاتون ٿيڻ معمول آهن ۽ اسان جا ڪاروبار محفوظ ناھن رھيا ھن وڌيڪ چيو ته پاڪ آرمي جو رٽائرڊ ملازم آھيان ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لا۽ سرحدن جي حفاظت ڪئي ۽ اسان محفوظ ناھيون ۽ ٽن نامعلوم ڄڻن مٿان اين سي داخل ڪرائي آهي ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او وڳڻ صادق عباسي ٻڌايو ته  معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ امن امان ۾ رکنو وجھندڙن خلاف جلد ڪاروائي ڪئي ويندي

نبي سر ٿر لڳ جوابدار نينگر کان ٻڪر ڦر ڪري فرار ٿي ويا

نبي سر ٿر ( ن ع آ )  نبي سر ٿر ويجھو  مال چاريندڙ معصوم ڌنار کان نامعلوم چور ڇيلو ڦري موٽر سائیڪل تي  کڻي فرار ڏينھن ڏٺي جو لونگ ڀيل جو 10سالا پٽ  ٿرڪول لاء ٺھندڙ ڊيم ويجھو ٻڪريون چاري رھيو تہ ٻہ ٻٽ ٻڌل  موٽرسائیڪل سوار وٽس آيا ء  نينگر جي دانھن باوجود ڇيلو  کڻي موٽر سائیڪل تي کڻي فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع ملڻ بعد ڳوٺاڻا سرزمين تي پھچي پيرا کڻي روانا ٿيا ء مختلف جاين تي ناڪابنديون پڻ ڪرايون مگر چور فرار ٿيڻ م ڪامياب ٿي ويا لونگ ٻڌايو تہ آئون ھاري ماڻھو آھيان منھنجو پٽ پگھار تي ميوو چانڊيو جو مال چاريندو ھو تہ اڄ نامعلوم چور کانئس زوري ڇيلو  ڦري ويا آھن  اھڙي عمل جي سڄاڻ ڌرين طرفان مذمت ڪئي وئي آھي ء بدامني تي قابو آڻڻ لاء نبي سر پوليس کان مطالبو ڪيو آھي تي ڏوھن تي ضابطو آڻي علائقي م امن بحال ڪيو وڃي.

بڊاڻي ۾ هڪ ئي رات چوري جو 4 وارداتون، پوليس آرامي!

بڊاڻي(ن ع آ) بڊاڻي شھر چورن حوالي رات ديرسان نامعلوم چورن مئين بازار ۾ سيٺ سنديپ ڪمار جي جرنل اسٽور جي دڪان جي ڇت پٽي لکين روپين جو سامان کڻي ويا مڙل محلا ۾ چورن حاجي شاهين مڱڻھار جي جرنل اسٽور جي دوڪان جا تالا ٽروڙي اندر گھڙي سامان ٻوھاري فرار ٿي ويا ۽ ٻئي طرف چورن ٿھيم قبرستان وٽ حافظ اصغر علي ڀٽو جي آرو مشين جي ديوار کي کاٽ ھڻي اندر داخل ٿي ٽي جرنيٽر پاڻي جو موٽر جنڊري مشين ۽ ٻيو قيمتي سان کڻي فرار ٿي ويا اھڙو اطلاح پڻ بڊاڻي پوليس کي ڪيو ويو پر پوليس جاء واردات ڏسڻ کان پوء ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري سگھي

سرحد ۾ چوري جا ٻڪر وڪرو ڪندڙ چور پڪڙجي پيا، مارڪٽ

سرحد (ن ع آ) ڪجهه ڏينهن اڳ ريتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نصير ڌانڌو مان ڳوٺاڻي ميهر  علي ڌانڌو جا 2  ٻڪر چوري ٿيا هئا جيڪي واپارين ميرهزار گهنڃون کان ڏهرڪي جي مال پڙي مان برامد ٿيا هئا، جنهن تي واپاري ميرهزار گهنڃي ڀاڳين کي ساک ڏيندي چيو هو ته اسان ميگهواڙن کان ٻڪر خريد ڪيا آھن اسان ٻڪرن جا چور ناهيون، جنهن بعد سرحد شھر ۾ چوري جا ٻڪر مختلف واپارين کي وڪرو ڪندڙن ڏهرڪي واسي رانجهو جي، ۽ ڪشمور واسي مور ڪمار کي ڀاڳين ۽ شهرين سڃاڻي ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏيڻ بعد سرحد پوليس حوالي ڪيو ان سلسلي ۾ ميرهزار گهنڃون جو چوڻ هو ته چوري جا ٻڪر رانجهو جي ۽ مور ڪمار کان خريد ڪيا هئا جيڪي چوري ظاهر ٿيڻ بعد مالڪن حوالي ڪيا ويا آھن جوابدارن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آھي، هوڏانهن پڪڙيل جوابدارن رانجهو جي، ۽ مور ڪمار جو چوڻ هو ته اسان ٻڪرن جا چور ناهيون، شرن کان ٻڪر  خريد ڪري اسان به وڪرو ڪيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.