تنگواڻي(رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي ڀرسان ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ رسولو سندراڻي ۾ مبينا ڪارنهن الزام مڙهي نوجوان غلام فريد بهلڪاڻي قتل ٿي ويو، نوجوان غلام فريد پنهنجي سئوٽ عبدالغني بهلڪاڻي جي هٿان بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو، نوجوان جو لاش پوليس هٿ ڪري تنگواڻي جي اسپتال منتقل ڪيو،جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيوويو، جوابدار ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو آهي.