ميرپورخاص لڳ ڌار ڌار واقعن ۾ ناري ۽ نينگر فوت

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي مهراڻ ڪالوني لڳ درگاه پيرنانگو شاه ويجھو جي رهواسي رمضان ڪنڀر جي 14 ورهين جي ڌي زاهده ڪنڀر گھر وارن جي دڙڪن تان ناراض ٿي ڪمري ڦاهو کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو، ناري جي لاش وارث کڻائي سول اسپتال پهتا لاش پهچڻ جي اطلاع حد جي ٿاڻي کي ملڻ تي ٿاڻي جي پوليس سول اسپتال پهچي ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو پوليس موجب وارثن جي بيانن موجب ناري ذهني طور بيمار هئي ۽ گھر وارن کان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگھات ڪيو آهي اسين مختلف رخن تي جانچ ڪري رهيا آهيون وڌيڪ حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ تي سامهون اچي ويندي. ناري جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته ميرپورخاص لڳ ڳوٺ دولت لغاري ۾ ٿر واسي پورهيت رتن ڪمار جو ٻن ورهين جو معصوم پٽ دليپ ڪمار گھر ٻاهران راند ڪندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويو ٻار جي لاش سول اسپتال ميرپورخاص  مان قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو معصوم ٻار جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام متل هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.