لاڙڪاڻي ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي رائيس ڪئنال واري روڊ تي چنگچي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عاقل  ڀرسان ڳوٺ مسوحٻ جو رهواسي ٻن ٻارن جو پيءُ 28 ورهين جو لال ڏنو پٽ علي اصغر ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي نوجوان جي فوت ٿيڻ تصديق ڪئي. ان موقعي تي فوتي جي مامي مختيار احمد ميمڻ ٻڌايو ته منهنجو ڀاڻيجو فرنيچر جي دڪان تي ڪم ڪندو هو جيڪو ڪم سان وڃي رهيو هو ته چنگچي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.