مير محمد ادب ۽ ڪارڪنن لاءِ فيڪٽري هو: زين شاهه

سڪرنڊ ( ن ع آ ) شاعر اديب مرحوم مير محمد پيرزادي جي ٻين ورسي جي موقعي تي سندس شاعري جي ڪتاب ٻئي جلد “مکڙيون ماڪ ڦڙا”  جي مهورتي تقريب سنڌ سجاڳ فورم جي ميزباني ۽ ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ جي سهڪار سان ڪئي وئي.  کيس شاعري ۽ لفظن سان ڀيٽا پيش. شاعر ماڻڪ ملاح پاران تقريب کي هلائڻ دوران شاعر مير محمد پيرزادي جي شاعري ٻڌائي کيس ڀيٽا پيش ڪندو رهيو. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته مير محمد ادب ۽ قومي ڪارڪنن جي لاءِ معلومات جي فيڪٽري هو جنهن وٽان ڪيترائي ذهن تيار ٿيا. هن چيو ته قومي ڪارڪن مير وانگر پنهنجي ڪردار جو تعين ڪن ته توهان سنڌ ۾ حق جي باهه ٻاري سگهو ٿا. درگاهه پيرذاڪري جي گادي نشين دانشور سيد محمد منير شاهه ذاڪري چيو ته افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته سنڌي قومي پنهنجن هيروز کي ياد نه ٿي ڪري مير محمد پنهنجي زندگي جي آخري وقت تائين پنهنجي اصولن ۽ ڳالهه تي قائم رهيو. سنڌ سجاڳ فورم جي چيئرمين مجيد عباسي چيو ته هو سنڌ هو سنڌي ٻولي ، ادب کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. رحمت الله پيرزادو چيو ته بابا سائين پنهنجي زندگي ۾ وچن ڪيو ته هو سچ جي راهه تي هلندو ۽ هو ان تي قائم رهيو. اديب وسيم سومرو چيو ته مير محمد جي کليل اکين ۾ سنڌ جا خواب ڏٺا. اديب محمد صديق منگيو چيو ته هن اسان کي جيئڻ جو ڏانءَ ڏنو،. اديب منور سراج،،سائل پيرزادو، ،اديب محمد بخش ڏاهري،،اديب علي نواز ڏاهري، ، اديبن امداد رند ، ايم بي ڏاهري، محمد حنيف سومرو، جهانگير ڏاهري، صلاح الدين ڪيريو ، محمد يونس چانڊيو، معشوق سولنگي ، سائر راهو، الفي محمود سومرو ، محمد يعقوب ڏاهري ،عبدالرسول سمون ، شهمير جمالي، عبدالحميد آرائين، خرم شهزاد ، قلندر بخش ملاح، ڪامريڊ قربان ڪيريو ، عبداللطيف سولنگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ملنگ ملاح پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.