شهدادڪوٽ ۾ 5 لک انعام رکيل ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

شهدادڪوٽ ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ پوليس مبينا مقابلي ۾ 5 لک انعام يافتا ڌاڙيل کي زخمي  حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوىٰ ڪئي آهي, اي سيڪشن پوليس جي ايس ايڇ او اختر ابڙو موجب ته 3 ڏوھاري شھر ويجهو ڀانڍڙي جي وانڍ  تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھئا جن پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران  فائرنگ شروع ڪئي جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري زخمي ٿي پيو جنھن کي ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪري ورتو جنهن جي سڃاڻپ سرتاج چانڊيو طور ٿي آهي جڏهن ته 2 ڏوھاري فرار ٿي ويا ,ھوڏانھن پوليس گرفتار زخمي ڏوھاري کي اسپتال کڻائي آندو, پوليس موجب زخمي ڏوهاري ڪاڇي جو رھواسي آهي جنهن تي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي مختلف ٿاڻن تي 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن  ۽ سرڪار پاران سندس گرفتاري تي 5 لک روپيا انعام پڻ رکيل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.