اڏيري لال ۾ هاءِ اسڪول جي پلاٽ تي وري قبضو

اوڏيرولال (ن ع آ) 2012 ۾ هائي اسڪول اوڏيرولال اسٽيشن جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هلندڙ اڏاوتي ڪم واري عمل کان  پوءِ مقامي رهواسي منعاف کوسي پاران هائي اسڪول جو پلاٽ قبضي تان خالي قبضو ڪرائڻ لاءِ اهڙي پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن کان پوءِ سنڌ هائي ڪورٽ حيدرآباد بينچ سيشن ڪوٽ مٽياري کي حڪم جاري ڪيا هئا ته فوري طور تي اوڏيرولال اسٽيشن جي اسڪول جي پلاٽ تان قبضو خالي ڪرايو وڃي. عدالتي حڪم تحت جڊيشل مئجسٽريٽ ۽ روينيو عملي مٽياري اسڪول کي مليل پلاٽ جي ماپ ڪري قبضي هيٺ آيل پلاٽ هڪ ايڪڙ ڪجهه گهنٽا جنهن جا ڪاغذ مڪمل تيار ڪري قبضو ڇڏرايو هو. قبضو خالي ڪرائڻ کان پوءِ اهڙي چارج لکت ۾ هائي اسڪول اوڏيرولال اسٽيشن جي پرنسپل حوالي ڪئي وئي هئي، جنهن بعد اسڪول انتظاميه پنهنجا تالا هڻي اسڪول جي پلاٽ کي پنهنجي تحويل ۾ ڪيو هو، پر ڪجهه ڏينهن اڳ ٻيهر قبضي مافيا اسڪول جي پلاٽ تي قبضو ڪري جتي باگڙي قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ويهاري ڇڏيو آهي. اسڪول جي پلاٽ ۾ بيٺل لکين رپين جا قيمتي وڻ پڻ وڍرايا ويا آهن. ٻئي طرف اسڪول جي پلاٽ تي قبضو ٿيڻ کان پوءِ علائقي جي سياسي، سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي. هنن جو چوڻ آهي ته هينئر سيڪينڊري اسڪول اوڏيرولال اسٽيشن کي اپ گريڊ ڪري ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته پلاٽ تي قبضو ٿيڻ کان پوءِ ڪاليج جا وڌيڪ ڪلاس ٺهي نه سگهندا. جنهن ڪري علائقي واسين ۾ سخت مايوسي ڦهليل آهي. هُنن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن قبضي مافيا اسڪول جي پلاٽ تان پاڻمرادو قبضو خالي نه ڪيو ويو ته اسان ٻيهر عدالت وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.