ٺل ڀرسان حادثو، اديب شمن شمس ٻرڙي جو ڀاءُ فوت

ٺل (ن ع آ) ٺل ڀرسان سومر شاهه وٽ موٽر سائيڪل ۽ رڪشي جي وچ ۾ اوچتو خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب سنڌي ادبي سنگت  شاخ ميرپور ٻرڙو جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ ناليواري سگهڙ ۽ شاعر، اديب شمن شمس ٻرڙو جو ڀاءُ 50 ورهين جو بخت الله ٻرڙو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سکر جي حرا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سنڌي ادبي سنگت ضلعي جيڪب آباد جي رابطا سيڪريٽري نفيس سومرو،ٺل شاخ جي سيڪريٽري اصغر سجاڳ، ميرپور ٻرڙو شاخ جي سيڪريٽري مظلوم سنڌي، اديبن ۽ شاعرن نياز لاشاري، نعمت سومرو، حاڪم ڪٽوهرو فا ٻرڙو، اي ڪي آزاد مغل ۽ ٻين پاران اديب ۽ شاعر شمن شمس ٻرڙو سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.