ڪوٽڙي ۾ ساس شاخ ٻولهاڙي جي چونڊ، ديدار شام سيڪريٽري ٿي ويو

ڪوٽڙي ( ت ر ) سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻولهاڙي جو سالانو عام ميڙ ۾ شاخ جي چونڊ ضلعي ڄامشورو جي رابطا سيڪريٽري، دلدار  جانوري جي نگراني ۾ ٿي، چونڊ عمل ۾ چونڊ ڪاميٽي ميمبر، غلام رسول غرق ۽ حسين بخش خاصخيلي به شريڪ هئا، شاخ جي چونڊ ۾ نوجوان شاعر ديدار شام شاخ ٻولهاڙي جو سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري نوجوان شاعر مختيار هالو، خزانچي نوجوان شاعر مولائي سليمان، آڊيٽر نياز ڏيپر ۽ ڪائونسلر صوفي راڳي علي مراد جتوئي بنا مقابلي چونڊيا ويا، جڏهن ته شاخ ٻولهاڙي جي ڪاروباري ڪاميٽي لاءِ، خالد ناريجو، هاشم سوڍر، ساجد سنڌي، يعقوب ابڙو، راحي رحيم نوحاڻي چونڊيا ويا، جڏهن ته شاخ جي سالانا ميڙ ۾ نياز ڪابورو، غلام شبير سانڌ، اُميد علي کوسو، افضل سيال، عادل مراد، محسن جاگيراڻي سميت ٻيا شريڪ ٿيا، جڏهن ته شاخ چونڊ جي عام ميڙ ۾ ڄامشورو ۾ قائم ڪلچر اينڊ آرٽ يونيورسٽي سنڌ خلاف سمورين سازشن جي مذمت ڪندي گڏيل ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ڪلچر اينڊ آرٽ يونيورسٽي سنڌ جو قومي ادارو ۽ خاص سرمايو آهي، شاخ جي ميڙ ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جي گهر ڪئي وئي، سنڌي ٻوليءَ نه پڙهائڻ جي صورت ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري احمد سولنگي موبائيل فون تي شاخ ٻولهاڙي جي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت علمي، ادبي فڪري فورم آهي، جيڪو سنڌي ٻولي، ادب لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.