عمران خان مچ واقعي بابت ذميواري پوري نه ڪئي:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ مڇ ۾ 11 پورھيتن جو قتل وڏي دھشتگردي آھي دھشتگردن  ملڪي سالميت تي حملو ڪيو آھي. دھشتگردن کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ۽ شھيدن جي وارثن سان ڏک ۾ گڏجڻ لاءِ وزيراعظم سميت سڄي حڪومتي مشينري کي موقعي تي پھچڻ گھرجي ھا پر افسوس آھي جو حڪومت پنھنجون ذميواريون ادا ڪرڻ بدران وزيرن کي جلدي ۾ لاش دفنائڻ واري ٽارگيٽ سان لڳائي ڇڏيو آھي. دھشتگرد گم آھن ۽ حڪومت بہ گم آھي. وزيراعظم جو منسب ملڪ جي سربراھ وارو آھي جيڪو ڇپر ڇانو جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم جو عھدو روڊن، ديوارن ۽ جبلن لاءِ نہ پر عوام جو ھوندو آھي، جنھن وزيراعظم وٽ عوام جي حيثيت ڪجھ بہ ناھي، اھڙي وزيراعظم جي ڪھڙي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مچ سانحي جي مظلوم وارث تحفظ چاھين ٿا . انھن کي ڪجھ ھر دفعي ڪجھ سالن جي وقفي کانپوءِ بيرحمي سان قتل ڪيو وڃي ٿو اھا درندگي بند ڪرڻ جي ضرورت آھي وزيراعظم انھي درندگي ۽ دھشتگردي کي روڪڻ ۽ شھيدن جي وارثن کي تحفظ ڏيڻ جي خاطري لاءِ انھن وٽ ھلي وڃي وزيراعظم جي نہ وڃڻ جي ڪري اڄ سڄي ملڪ جا رستا بلاڪ آھن.حڪمران آئيني طور تي عوام جي جان ۽ مال  جا محافظ آھن حڪومت پنھنجي عملن سان عوام کي احساس ڏياري تہ انھن جو تحفظ ڪيو پيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.