حيدرآباد ۾ ڄامشوري واسي نوجوان جي گمشدگي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڄامشورو جي شهباز ڪالوني جي رهواسين پاران گم ٿي ويل نوجوان نعمت الله رند جي ڳولا ۾ مدد لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي نوجوان جي ڀاءُ اسد الله نعيم رند صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ 3 جنوري تي گهران نڪرڻ بعد موٽرسائيڪل سميت گم ٿي ويو آهي. جنهن جي ڪافي ڳولا ڪئي، پر ڪوبه پتو ناهي پئجي سگهيو. هن چيو ته واقعي جي حد جي ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ڪرائي آهي، پر پوليس اڃا تائين ڀاءُ جو پتو ناهي لڳائي سگهي، جنهن ڪري گهرڀاتين ۾ ڪهرام متل آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڀاءُ کي هٿ ڪري ملايو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.