اوسا محمد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان گوليون هڻي قتل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) بلوچستان جي شهر اوستا محمد جي ڳوٺ فضل محمد بروهي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان اسلم بروهي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي سندس وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا  اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران نوجوان فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي پيءُ علي حيدر بروهي ٻڌايو ته جوابدار مٺل بروهي منهنجي نوجوان پٽ کي بيگناهه پنهنجي امڙي حوري خاتون سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏئي پٽ ۽ پنهنجي امڙ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويو جنهن بعد مون پنهنجي پٽ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو جتي منهنجو نوجوان پٽ اسلم بروهي علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته پٽ کي قتل ڪندڙ جوابدار مٺل بروهي کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.