ٽنڊي غلام حيدر لڳ پوليس چڙهائي، تشدد، نوجوان گرفتار، ڌرڻو

ٽنڊوغلام حيدر (رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمن بهراڻي ۾ پوليس پاران تعلقي جي مختلف پوليس  پوسٽن متارو،نظرپور سميت ٽن پوليس موبائلن ۾ سوار درجنين اهلڪارن ڳوٺ جو گهيراءُ ڪري پورهيتن دلدار عرف ڊينجر بهراڻي جي گهرن ۾ پهچي سرچ آپريشن ڪيو، جتي پوليس چڙهاين دوران گهرن ۾ موجود معصوم ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ۽ پوليس جي ڪاروائي دوران ڪيتريون ئي عورتون تشدد دوران زخمي،جڏھن ته پوليس چڙهائي دوران پورهيت دلدار عرف ڊينجر بهراڻي کي گرفتار ڪري ورتو،ٻئي طرف پوليس جي اهڙي چڙھائي خلاف سوين ڳوٺاڻن عورتن پاران مويا_ماتلي روڊ تي پوليس موبائلن جو گهيراءُ ڪري نوجوان کي آزاد ڪرائي مک مويا_ماتلي روڊ بند ڪري پوليس جي ناجائزي خلاف عورتن سجن،صاحبان بھراڻي،اصغر بھراڻي،اسرار بھراڻي،ديدار بھراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٽنڊوغلام حيدر پوليس اسان جي گهرن تي ناحق چڙهائي ڪري اسان کي بي رحماڻي تشدد دوران زخمي ڪري بيگناھ اسان جي پورهيت کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هنن چيو ته اسان جي نوجوان جي پهريان ڪورٽ سڳوري مان ضمانت ٿيل آهي ان باوجود پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جو وڏو نقصان ڪيو آهي.هنن ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان کان فوري نوٽيس وٺي انصاف جي گهر ڪئي آهي. ٻئي طرف ٽنڊوغلام حيدر ايس ايڇ او سهيل احمد مرزا ٻڌايو تہ ڳوٺ ۾ منشيات فروش جوابدار دلدار عرف ڊينجر بهراڻي تي چڙهائي ڪئي وئي جنهن کي گرفتار ڪري کڻي اچي رهيا هئاسين ته جوابدار جي وارث عورتن مردن پوليس تي حملو ڪري مونکي ۽ هيڊ ڪانسٽبل احمدعلي،لياقت دلواڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جون ورديون ڦاڙيون ويو آهن.هوڏانهن ايس ايڇ او سهيل احمد مرزا،لياقت دلواڻي،علي احمد کي اعلاج لاءِ ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏھن ته اڃا تائين واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.