سيٺارجا لڳ ريل مان ڪري نوجوان فوت

سيٺارجا/ ٺري ميرواهه  ( نمائندن وٽان  ) سيٺارجا ڀرسان پير ٻوهيو قبرستان وٽان لاهور کان ڪراچي طرف ويندڙ عوامي ايڪسپريس مان پاڪ آرمي جو 28 سالا نوجوان عديل احمد ولد غلام شبير آرائين ڳوٺ حاجي نواب الدين لڳ راڻيپور جو هو ۽ فوت ٿي ويو آهي مقامي ماڻهن پاران سيٺارجا پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي کڻائي اسپتال پهچايو جتي سندس وارثن پاران لاش جي سڃاڻپ ڪئي وئي اسپتال انتظاميه پاران ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو فوتي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.