ڳڙهي حسن ۾ ٽن دڪانن سميت 5 چوريون، ڀاڳين مٿان فائرنگ

ڳڙهي حسن(ن.ع آ)ڳڙهي حسن سب ڊويزن جي آرڊي 52 ٿاڻي جي حد ڳوٺ سخي حمزو خان کوسو ۾هڪ ئي رات چورين جون 5 وارداتون  نامعلوم چورن ثناءَالله کوسوءِ شفيق کوسو جي دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان چوري ڪري ويا ساڳئي وقت عبدالباسط جو دڪان جو تالوٽوڙيو ويوسجاڳ ٿيڻ تي چور فرار ٿي ويا شاهل کوسو جي گهر۾ بيٺل موٽر سائيڪل 2 موبائل فون چوري ڪري وياٻئي طرف چورن عطامحمد ابڙي جي گهران موٽر سائيڪل ڪڍي ته ڀاڳيا سجاڳ ٿيڻ تي چورن مٿس فائرنگ ڪئي اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي بروقت ڳوٺاڻن ڏيڻ باوجود پوليس صبح پهتي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.