ٺٽي ۾ اهلڪارن پاران ٽيڪسي ڊرائيور تي تشدد، احتجاج

ٺٽو( رپورٽ: شبير ڀٽي)پوليس اھلڪار پاران مڪلي تي ٽيڪسي ڊرائيور تي وحشياڻو تشدد، ڊرائيورن جو احتجاج، اي ايس پي ٺٽو پاران انصاف  جي خاطري بعد احتجاج ختم. ان سلسلي ۾ مڪلي جي ڪيترن ئي ٽيڪسي ڊرائيورن پبلڪ پارڪ مڪلي آڏو پنھنجون ڪارون بيھاري ھڪ احتجاجي مظاھرو پوليس تشدد جو نشانو بڻيل ڊرائيور غلام علي پالاري، پير بخش جماري، علي محمد، نديم ملاح، بھادر ڀٽي، شاھد جاکرو، بابو خشڪ جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ ڇتوچنڊ پوليس پوسٽ جي پوليس اھلڪار عامر ٽيڪسي ڊرائيور غلام علي پالاري تي پبلڪ پارڪ مڪلي وٽ ٽيڪسي اڏي تي اچي مٿس بلاجواز سخت وحشياڻو تشدد ڪيو آھي، جيڪو عمل برداشت کان ٻاھر آھي، ھنن چيو تہ اسان غريب ڊرائيور ٽيڪسي ھلائي ٻچن جو پيٽ پاليون ٿا، جن مٿان بلاجواز تشدد ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪنداسين. ھنن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري ٽيڪسي ڊرائيور تي تشدد ڪندڙ پوليس اھلڪار خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.  ٻي صورت ۾ انصاف ملڻ تائين سندن احتجاج جاري رھندو، ھوڏانھن ٽيڪسي ڊرائيورن جي احتجاج جو اي ايس پي ٺٽو ميڊم علينا راڄپر نوٽيس وٺندي ٽيڪسي ڊرائيورن کي ايس ايس پي آفيس مڪلي ۾ طلب ڪري کين خاطري ڪرائي تہ ساڻن انصاف ڪري ٽيڪسي ڊرائيور تي تشدد ڪندڙ پوليس اھلڪار خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، جنھن بعد ٽيڪسي ڊرائيورن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.