سنڌ ۾ درگاهن جي بندش خلاف چوهڙ جمالي ۾ احتجاج

چوھڙجمالي( ن ع آ ) پاڪستان سني تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ جي حڪم تي پاڪستان سني تحريڪ چوھڙجمالي جي رابطا ڪميٽي جي  ميمبر مولانا منظور احمد قادري.سائين محمد صديق ميمڻ.راشد ميمڻ.ء ٻين جي اڳواڻي م سنڌ م درگاھن جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ھن موقعي تي اڳواڻن چيو ته پنجاب سميت سڄي ملڪ م درگاھون کليل آھن پر سنڌ حڪومت اولياء ڪرام جي مزارن کي بند ڪرڻ افسوسناڪ ڳالھ آھي.ھنن چيو ته اوليا ڪرامن جي مزارات تي لکين ماڻھن عقيدت مند ايندا آھن بندش سبب زائرين پريشان م مبتلا آهن ھنن مطالبو ڪيو ته فوري مزارات تي بندش ھٽائي وڃي ٻي ورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.