عمران هزارا برادري جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو: نواز ڀاڏائي

گھوڙاٻاري( رپورٽ: سيد امير شاھ ڀاڏائي)  جئي سنڌ محاذ  جي مرڪزي وائيس چئرمن  نواز شاهه ڀاڏائي  پريس ڪلب ور ۾ پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مچ واقعو بدترين دھشت گردي آهي جنهن سيڪوريٽي ادارن جي ڪيل دعوائن تان نقاب لاھي ڇڏيو آهي بلڪي انهن جي ڏاڍاين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي قوم پرست اڳواڻ  نوازعلي شاهه ڀاڏائي  چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جا چچريل لاش ملڻ حڪمرانن ۽ سيڪوريٽي  ادارن جي چٽي نااھلي آهي پرڪروڙين روپيا انهن تي خرچ ڪيا وڃن ٿا  انهن مان عوام کي ڪا به رليف ۽ تحفظ جي اميد ناهي ھن وڌيڪ چيو ته تازو ھزارا ڪميونيٽي کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن مان شڪ آهي ته انهيَ واقعي جا پيرا به شايد ائين ڪياويندا جھڙي  ريت بينظيرڀٽو  نواب اڪبرڀڳٽي بالاچ خان مري ۽ بشيرخان قريشي جي خون کي لڪايو ويو . ھن چيو ته دفاعي بجيٽ تي ٿيڻ باوجود ملڪ اندر شھري امن ۽ تحفظ لاءِ پريشاني جو شڪار آهن نواز شاهه ڀاڏائي  سنڌ جي موجوده حالتن حوالي سان چيو ته اھي ھن وقت بلوچستان وانگر خراب آهن ڇو ته پ پ پ جي حڪومت چوڏانھن  سالن جي عرصي کان وٺي ھيل تائين دھشت  گردي کي ڇوٽ ملي رهي آهي عوام انصاف لاء ٻاڪاري پيو  پر سياسي ڪارڪنن جي گم شدگين ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙين جي لتاڙ جاري ۽ ساري آهي ھن چيو ته عمران حڪومت عوام جي اھنجن جو ازالو ڪرڻ بجاء  سندن زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي جنهن جو ثبوت  بلوچستان جي موجوده لولي لنگڙي حڪومت ويھاري وئي آهي جيڪااتان جي عوام کي ڪنهن به مشڪل وقت ۾ بچائي نٿي سگهي نيشنل پلان جون ڳالهيون ڪندڙ حڪمران ھن کليل دھشت  گردي جو  جواز ڪھڙو ڏيندا  ھتي مذهبي ۽ سياسي قتلي عام جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.