عمران ثابت ڪيو آهي ته هو مظلومن سان گڏ ناهي: نواز خان زئور

ماتلي   ( ت ر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته وزيزاعظم عمران خان ڪوئيٽا نه اچي ثابت ڪري رھيو  آھي ته ھو مظلومن سان گڏ ناھي ھزارا برداري جو  قتل عام بند ڪيو وڃي، قتل ٿيل يارنھن پورھيتن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ڪوئيٽا سميت سڄو انسانيت سوڳ جي عالم ۾ آھي ڦيٿو جام ٿي ويو آھي مڙھ ڪيترن ئي ڏينھن کي روڊ ته احتجاج طور پيل آھن، پر حڪمرانن کي نظر نٿا اچن ھر طرف سوڳ جي موسم آھي، اھڙو اظھار ھن ماتلي ۾ قومي ڪارڪنن سان ڳالھائيندي ڪيو نواز زئور وڌيڪ چيو ته وفاق  سدائين پنھجي حاڪميت ظاھر ڪئي آھي، اڄ ڏينھن تائين ڪنھن سان انصاف ناھي ٿي سگھيو سڌريل ملڪن ۾  مظلوم جو ساٿ ڏنو ويندو آھي، اڄ به يزيدي طور ۾ ڦاٿل آھيو حق سچ جي واٽ ته بيٺل قتل ڪيو وڃي ٿو پر  جيڪا ھڪ ڏينھن مظلوم جي فتح ٿيڻي آھي سچ جي ٻيڙي ٻڏڻي ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.