عمران خان هزارا برادري جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو:عوامي تحريڪ

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي  نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ عارف جوڻيجي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪوئٽا ۾ سخت سيءَ ۾ پنهنجي پيارن جا لاش رکي مسلسل احتجاج ڪندڙ هزاره برادري تي وزير اعظم عمران خان طرفان بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام لڳائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت آهي. ملڪ جي وزير اعظم جي حيثيت سان عمران خان هزاره برادري جي ڦٽن تي مرهم رکڻ بدران الزام تراشي ڪري نه صرف هزاره برادري بلڪه ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته عمران خان واضح ڪيو آهي ته هن کي پنهنجي انا بي گناهه قتل ڪيل هزاره برادري جي ماڻهن کان وڌيڪ اهم آهي. عمران خان ٻڌائي ته انتهائي مشڪل وقت ۾ عوام  ملڪ جي وزير اعظم کان مطالبو نه ڪري ته پوءِ ڪنهن کان مطالبو ڪري.؟ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته عمران خان پنهنجي انا کي هڪ طرف رکي احتجاج ڪندڙ هزاره برادري جي ماڻهن وٽ پهچي ۽ الزام تراشي ڪرڻ تي هزارا برادري جي ماڻهن کان معافي وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.