امين مگسي جا ڪتاب رهبري ڪندڙ آهن: آزاد قاضي

راڌڻ  ( ن ع آ ) سنڌ جي نامياري اديب محقق عالم ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي ضلعي رابطا سيڪريٽري محمد امين مگسي جي ياد ۾   سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ ۽ سوڀو مگسي پاران  ميھڙ ڀرسان ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ اديبن شاعرن ۽ سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي، سنڌي ادبي سنگت ميھڙ پاران محمد امين مگسي جي شخصيت فن ۽ ادبي خدمتن بابت چاليھي تي ڪتاب ڇپرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، اديبن شاعرن پاران محمد امين مگسي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي وئي. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نامياري اديب محقق ڊاڪٽر آزاد قاضي چيو ته محمد امين مگسي ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بچاءَ  ۽ تحفظ جي تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ ھو ۔ سندس ڪتاب رھبري ڪندڙ آھن، ھو عالم باعمل ھو، ھو قومپرست ليکڪ ۽ سيڪيولر عالم ھو ، اھا ئي سندس سڃاڻپ رھي، ھن پنھنجي ڪردار ۽ عمل سان زندگي ٺاھي، کيس ايندڙ دور ۾ به ياد تاريخ ۾ يادڪيو ويندو ڊاڪٽر محمد خان شيخ چيو ته محمد امين مگسي ھو نوجوانن لاءِ رول ماڊل ڪردار ۽ نوجوانن لاءِ اتساھيندڙ ڪردار ھو ، محمد امين مگسي ڪراچي ۾ علم ۽ ڏاھپ جي جوت جلائي،  نامياري شاعر اديب جوھر بروھي، علامه احمد ذھين مگسي، سرمد بروھي، حافظ بدرالدين آڳرو ، حبيب حضوري، منظور مھيسر ، رياض چانڊيو، حذب الله ميھڙائي، محبوب ڏيپر، آزاد زنگيجو،  وفا اشفاق مگسي، ممتاز علي مگسي، معين الدين ايڊووڪيٽ، انجنيئر غلام مصطفي مگسي، شفقت جميل ۽ ٻين خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.