ميرپور ساڪري ۾ نوجوان پسٽل جو فائر ڪري زندگيَ جو انت آڻي ڇڏيو

ميرپور ساڪرو ( ن ع آ ) ميرپور ساڪري جي 30 سالا نوجوان پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي زندگيَ جو انت آڻي ڇڏيو خبرموجب  ميرپور ساڪري لڳ قريشي فارم ڀرسان ڳوٺ ھاشم کيرو جي رھواسي  30 ورھين جو نوجوان غفور کيرو پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي زندگيَ جو انت آڻي ڇڏيو جنهن جي لاش کي پوليس شيخ زيڊ اسپتال ميرپور ساڪرو منتقل ڪرايو جتي لاش ضروري ڪارواين کانپو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿيو آهي پوليس  موجب نوجوان خودڪشي  ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوجوان پسند جي شادي پڻ ڪئي ھئي اھيو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته نوجوان گھرو پريشر  سبب ٻانهن واپس ڪرڻ واري ڳالهه جي ڪري  خودڪشي ڪئي آهي

ڊگهڙي لڳ  نوجوان  واٽرڪورس ۾ ڪري ٻڏي فوت

ڊگهڙي(ن ع آ )ڊگهڙي لڳ ڳوٺ بنگلي جو رهواسي 35ورهين جو مگن پٽ ڏايو ڪولهي گهر ڀرسان وهندڙ واٽرڪورس ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو اطلاع تي ڊگهڙي پوليس واقعي واري جا۽ تي پهچي فوتي جي زال ۽ ڀاء کان بيان ورتاجنهن ٻڌايو فوتي شخص مرگهي جو مريض هو اسان ڪابه قانوني ڪاروائي نٿا ڪرائڻ چاهيون،

غوثپور لڳ ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان مارجي ويل جو لاش 17ڪلاڪن بعد وارثن حوالي

غوثپور( ن ع آ ) گذريل رات ڪچي جي علائقي سومر خان جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران مارجي ويل نوجوان محرم جاگيراڻي جو لاش گذريل  سترنھن ڪلاڪن کان پو۽ وارثن حوالي   مقتول نوجوان جو لاش کڻائي اچو۔ جنھن بعد ڪچي جي دراني مھر ۽ جنگڻ ٿاڻي جي پوليس ٻن بڪتر بند گاڏين ۽ پوليس موبائيلن سان ڳوٺ سومر خان جاگيراڻي واري علائقي ۾ داخل ٿي مقتول محرم جاگيراڻي جو لاش سترنھن ڪلاڪن کانپو۽ بڪتر بند گاڏي ۾ کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ۾ آندو جٿي سندس پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔ لاش جي حالت بيحد خراب ھئي ۽ کيس منھن ۾ گوليون لڳل ھيون۔۔ آخري اطلاعن موجب 24 ڪلاڪ گذرڻ کانپو۽ به نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿيو آھي نه ئي پوليس ڪا ڪاروائي ڪري گرفتاري عمل ۾ آندي آھي۔ واضع رھي ته جيئند ۽ مراد علي جاگيراڻي واري ڌرين ۾ ھلندڙ جھيڙي ۾ 8 کان وڌيڪ ماڻھو اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن ۽ ڪيترائي زخمي آھن۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.