دڙي ويجهو ناري مبينا طور اغوا، چئن ڄڻن خلاف رپورٽ داخل

دڙو  (ن ع آ) دڙي ويجهو چئن جوابدارن عالمان وٽ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت سڪندر ملاح جي نوجوان ڌيءَ ماروي کي مبينا طور اغوا ڪري ويا ان ڏس ۾ مبينا اغوا ٿيل ناري جي پيءُ سڪندر ملاح ٻڌايو تہ ٽندي حيدر ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ جمعدار تاجو شيخ پنهنجي ساٿين جي مدد سان منهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي هن مطالبو ڪيو تہ منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي هوڏانهن ٿاڻي تي تاجو شيخ سميت چئن جوابدارن خلاف ناري جي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي.

ٺل ڀرسان اغوا ٿي ويل نينگر آزاد نه ٿي سگهيو، احتجاج

ٺل (ن ع آ) ٺل ڀرسان ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد اسماعيل کوسو مان اغوا ٿي  ويل نينگر حافظ الطاف حسين کوسو ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نه ٿي سگهيو آهي،نينگر جي بازيابي جي لاءِ پوليس پاران ڪوبه قدم ناهي کنيو ويو،مغوي نينگر جي بازيابي جي لاءِ احتجاج جو سلسلو هلندڙ آهي،ڪالهه حافظ الطاف حسين کوسو جي بازيابي جي لاءِ سندس والد حبيب الرحمان کوسو احتجاج جاري رکندي پريس ڪلب اڳيان بينر کڻي احتجاج ڪيو،ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي مغوي جي والد ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي اٺ سال اڳ اغوا ڪيو ويو پر هن مهل تائين مغوي کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،مان جوابدارن جي نشاندهي ڪئي پر تنهن جي باوجود پوليس جوابدارن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي،جوابدارن ۾ پوليس عملدار پڻ شامل آهن جنهن ڪري پوليس پنهنجي پٽي ڀائين جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي پئي،منهنجي پٽ جي اغوا ڪيس کي رولي ڇڏيو آهي،هن مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ حافظ الطاف حسين کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي.

عمرڪوٽ ۾ گوشت مارڪيٽ مان 35 سالا پورهيت جو لاش هٿ

عمرڪوٽ(ڊ ر)عمرڪوٽ گوشت مارڪيٽ مان 35 سالا پورهيت جو لاش هٿ آيو ڪالھ گوشت مارڪيٽ مان 35  سالا پورهيت احمد نواز ولد سمانو ماڇي جو لاش ھٿ آيو پورھيت جي امڙ ٻڌايو ته پٽ احمد نواز نشي جو عادي هو اسان جو ڪنهن تي  شڪ ناهي پوسٽ مارٽم نٿا ڪرايون اطلاع ملڻ تي پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال کڻائي وئي پوليس عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪيون پيا فوتي جي امڙ نه پوسٽ مارٽم ڪرائڻ چاهي ٿي نه وري ڪا قانوني ڪاروائي.

ميرپورخاص ڀرسان ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي درگاه اميدين ڀريو لڳ تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ پيربخش جروار  جي رهواسي 35 ورهين جي نوجوان محمد قاسم جروار کي چيپاٽي ڇڏيو، ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، حادثي جي اطلاع تي حد جي پوليس ۽ واٽ ويندڙن نوجوان جي لاش کڻائي سول اسپتال پهچائي، جتان قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪئي ويئي جڏهن ته پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تعويل ۾ وٺي ڊرائيور جي تلاش شروع ڪري ڏني آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.