ڳاڙهو ڀرسان ڳوٺ تي هٿياربندن جي ڪاهه، 2 ڄڻا اغوا، ڌرڻو

ڳاڙهو(رپورٽ : محمدعلي راڻو) ڳاڙهو پوليس جي حد اداسي لڳ ڳوٺ بچل دل تي ميرپوربٺورو جي رهواسين عبدالله نهڙيو، علي محمد، اشرف ، ستار، زوار نهڙيو سميت 20 کان 25 هٿياربندن رات جو چار بجي ننڍ  ستل ڳوٺاڻن تي اچانڪ حملو ڪري، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري ٻه ڄڻا جمن نهڙيو ۽ محمد نهڙيو کي اغوا ڪري کڻي ويا. جنهن بعد نهڙيا برادري جي پنهون نهڙيو، هاشم نهڙيو، علي محمد نهڙيو، مسمات مڪان، مسمات ساران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن ڳاڙهو ٿاڻي تي اطلاع ڪرڻ بعد پريس ڪلب ڪيٽي بندر ڳاڙهو پهتا جتي ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪندي پريس ڪانفرنس ڪئي. هنن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 2 مهينا پهرين سندن ڳوٺ جي نوجوان طفيل نهڙيو سندن ئي برادري جي ميرپور بٺورو واسڻ روبينا نهڙيو سان عدالتي پيار جو پرڻو ڪيو هو. جنهن جي انتقام طور گذريل رات چار بجي هٿياربندن اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري عورتن ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد اسان جا ٻه ڄڻا اغوا ڪري ويا آهن. هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، غوا ٿيلن سميت اسان جي جانين کي خطرو آهي. هنن ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته هٿياربندن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسانکي تحفظ ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.