دڙو ۾ مزدور جي نياڻي مبينا طور اغوا، واقعي خلاف ڌرڻو

دڙو (ن ع آ) دڙو ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ گولاڙچي واسي پورھيت سڪندر ملاح جي 17 سالا نياڻي ماروي ملاح کي جوابدار مبينا  طور ھٿيارن جي زور زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آھن۔ جنھن کانپوء دڙو پوليس مبينا اغوا ٿيل ناري مارئي ملاح جي پيء پورھيت سڪندر ملاح جي فرياد تي چئن جوابدارن ٽنڊو حيدر واسي حاميد شيخ، ھارون شيخ، نديم شيخ ۽ تاجو شيخ خلاف رپورٽ داخل ڪري ناري کي ھٿ ڪرڻ ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي۔ دڙو پوليس جي ايس ايڇ او صفدر سولنگي موجب جوابدارن جي مليل موبائيل فون نمبرن کي ٽريس ڪري انھن تائين پھچڻ لاء پوليس پنھنجو ڪم ڪري رھي آھي۔ جوابدار جلد پوليس جي گرفت ۾ ھوندا۔ ھوڏانھن مبينا اغوا ڄاڻايل ناري مارئي ملاح جي پورھيت پيء سڪندر ملاح ماء ۽ ٻين وارثن انصاف لاء پريس ڪلب دڙو پهچي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪانفرنس ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان دڙي ۾ عمر ڪنڀر جي سرن جي بٺي تي چئن مهينن کان مزدوري ڪندڙ آهيون ٽنڊو حيدر جي رهندڙ جوابدارن حاميد شيخ، هارون شيخ، نديم شيخ ۽ تاجو شيخ هٿيارن جي زور تي اسان کي مار ڪٽ ڪرڻ بعد اسان جي 17 سالن جي ذھني معذور نياڻي ماروي ملاح کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته سندن نياڻي کي اغوا ڪندڙ ھٿياربند مسلسل موبائيل فون تي اسان سميت ڌي کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن۔ ھنن آئي جي سنڌ،  ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي سجاول ۽ دڙو پوليس کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي کي جوابدارن جي چُنگل مان آزاد ڪرائي هٿيار بندن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.