لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل درزي ۽ پرائمري استاد نوجوانن جي آزادي لاءِ وارثن پنهنجي پيارن جي  تصويرن وارا بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۽ 3 آگسٽ 2018ع تي شهر ايوب ڪالونيءَ مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ مان کنڀي گم ڪيو ويو جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، سندن جي کنڀجڻ کان بعد اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، هن وقت انصاف دايو ۽ ڪاشف علي ٽڳڙ جون مائرون بيماري جي بستري تي پيل آهن جيڪي هر وقت پنهنجي نوجوان پٽن کي ياد ڪري روئيندا رهن ٿا. هنن چيو ته اسان جا نوجوان ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي وري سندن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل آهي، پر تنهن جي باوجود به هو کين قيد ڪاٽي رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪري اسان ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.