ٿرڪول ايريا ۾ ڪتن 18 ٻڪريون ڏاڙهي ماري ڇڏيون

مٺي (بيورو رپورٽ) ٿرڪول بلاڪ ون جي پاور پلانٽ ڀرسان قائم ڳوٺ ڀاوي جو تڙ ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي،بلاڪ ون جي پاور پلانٽ  تي ڪم ڪندڙن لاءِ قائم ڪيل ڪئمپن مان بچندڙ کاڌو ٻاهر اُڇلائڻ سبب اُتي ڪُتن جا ولر گهمندي نظر اچن ٿا،ڪئمپن تي رهندڙ عملو بچت ماني ٽُڪر،چانور،گوشت،مرغي سميت ٻيو سامان وڏي تعداد ۾ ڪئمپن ڀرسان اُڇلائي ڇڏي ٿو،جنهن سبب علائقي جي ڳوٺن مان روزاني ڪيترائي ڪُتن جا ولر اچي گڏ ٿين ٿا،جنهن سبب ڳوٺ ڀاوي جو تڙ،ميهاري بجير،شهمير وڪيا،سينهار وڪيا ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪُتا وڌي ويا آهن،رولو ڪُتن عمرو ميگهواڙ،جڙيو بجير ۽ ڏاتار شاھ جون 18 ٻڪريون ماري ويا آهن،ڪُتا ڳوٺاڻن لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن،رولو ڪتا روزاني جهنگ ۾ ڳوٺاڻن جون ٻڪريون ماري نقصان ڪري رهيا آهن،ٻئي پاسي معاملي جو اسسٽنٽ ڪمشنر اسلام ڪوٽ سميع الله سنجراڻي سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي،اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله سنجراڻي عوامي آواز پاران ڪيل رابطي تي ٻُڌايو ته متاثر ڀاڳيا مون وٽ اچن،پنهنجي چوپائي مال جي نقصان سميت درخواست ڏين اُنهي تي عمل ڪندي ڪتا مارائڻ سان گڏ ڪئمپن جي انتظاميا سان ڳالهائي تنبيهي ڪئي ويندي،ائين بچت کاڌو وچ ۾ اُڇلائڻ بابت جانچ ڪيون ٿا،اگر ڪنهن به ڪمپني جي اِها غلطي ثابت ٿي ته اسان سخت ايڪشن وٺنداسين،پنهنجي ماڻهن جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.