ٻيٽ روزگار جو ذريعو آهن، شهر اڏيا ته 25 لک مهاڻا بيروزگار ٿيندا: محمد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽ: عارف نائچ ) پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ وفاق جو سنڌ جي وحدت تي حملو آهي،  وفاق غير آئيني آرڊيننس (پيڊا) ذريعي سمنڊ تي قبضو ڪري اتان جو انتظام هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جتي نه سنڌ پوليس جو عمل دخل هوندو ۽ نه ئي سنڌ حڪومت اتي مداخلت ڪري سگھندي، جيڪڏهن ٻيٽن تي شهر اڏجن ٿا ته 25 لک ماهيگير روزگار کان بيدخل ٿي ويندا،ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ قومپرست پارٽين  کي پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي ، عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد علي شاهه جو چوڻ هو ته  سنڌ جي ڪوسٽل ايريا ۾ جيڪي ٻيٽ آهن انهن کي بنيادي طور تي سمنڊ ناهي ٺاهيو،  هنن کي سنڌو درياهه پنهنجي سلٽ سان تخليق ڪيو آهي، سنڌ جي ڪوسٽل ايريا ۾ 300 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ٻيٽ آهن جيڪي مهاڻن جي روزگار جو ذريعو آهن، ڪيٽي بندر کان شاهه بندر تائين ٻِيٽن تي ماهيگيرن جا ڳوٺ اڏيل آهن. هن چيو ته ٻيٽ رڳو مٽيءَ جا ڍير ناهن پر ماهيگيرن جي ثقافت جو حصو ۽ روزگار جو ذريعو آهن، سنڌ جا ٻيٽ اسان جو تايخي ورثو آهن جنهن تي تاريخي ماڳ مڪان هئا جيڪي کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويا آهن جن کي تباهه ڪرڻ جي نه پر بچائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻيٽن تي شهر اڏجڻ سان سامونڊي ماحوليات مڪمل طور تباهه ٿي ويندي، محمد علي شاهه جو چوڻ هو  ته  ماضي ۾ ٻن ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي پر موجودا حڪومت ڏنگي ۽ ڀنڊار سميت سنڌ جي سڀني ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته ترقي وڏيون  بلڊنگون  اڏڻ سان نه پر انسانن جي ترقي سان ٿيندي آهي ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان انسانن جي تباهي نظر اچي ٿي ترقي نظر نه ٿي اچي، ٻيٽن تي قبضي جي سازش پٺيان عالمي مافيا آهي جيڪا پنهنجو غير قانوني پيسو انسان ۽ ماحول دشمن منصوبي تي خرچ ڪرڻ چاهي ٿي ، هن چيو  ته غير قانوني آرڊيننس جو مدو پورو ٿيڻ باوجود وفاقي سرڪار پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، سندس چوڻ هو ته ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ حڪومت جو موقف شڪي رهيو آهي وفاقي ليٽر جي جواب ۾ سنڌ حڪومت رضامندي ظاهر ڪئي هئي جنهن بعد وفاق ڳجهه ڳوهه ۾ پيڊا آرڊيننس جاري ڪيو، سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي وزيرن شروع ۾ ٻيٽن تي ترقياتي ڪمن جي حمايت ڪئي ۽ تحريڪ شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت پنهنجي رضامندي واپس ورتي ۽ اسيمبلي مان ٻيٽن تي قبضي خلاف قرارداد پيش ڪئي ۽ اسٽيجن تان به ٻيٽن تي والار کي رد ڪيو پر جهڙي طريقي سان سنڌ حڪومت کي آواز اٿارڻ گھرجي ان طريقي سان ناهي اٿاري رهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي کي چوڻو پوندو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ماهيگيرن جي ملڪيت آهن  وفاق هجي يا سنڌ حڪومت هجي ڪير به ان ٻيٽن تي شهر نه ٺاهيندو ۽ انهن ٻيٽن کي جيئن آهن ايئن رهڻ ڏنو ويندو، هن چيو ته ٻيٽن تي والار خلاف قومپرستن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي،  هن چيو ته قومپرستن جو موقف آهي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن پر انهن کي واضح ڪرڻو پوندو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو چئي ته اتي سڀ سنڌي آباد ڪيا ويندا تڏهن به شهر قبول نه هوندو،  هن چيو ته فيبروري ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس گھرائي ٻيٽن تي والار خلاف ٻيهر ميدان ۾ اچي جدوجهد ڪنداسين ۽ ان مسئلي کي عالمي سطح تائين پهچائينداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.