سرڪار پاران مڪلي قبرستان ۾ لاش دفنائڻ تي پابندي

ٺٽو(ڊ  ر) ايشا کنڊ جي سڀ کان وڌيڪ ۽ 6 سو سالن جي قديمي ۽ تاريخي قبرستان مڪلي ۾ لاش دفن نہ ڪرڻ جو سرڪاري نادر شاھي حڪم  جاري ٿي ويو. ٺٽي جا ماڻھو ھاڻي اوھين پنھنجن پيارن جا لاش بہ مڪلي قبرستان ۾ دفنائي نٿا سگھو قبرستان جي مک گيٽن تي بورڊ بہ لڳي ويا. ان ڏس ۾ لڳل بورڊ تي آرڪيالاجي کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل جي ھدايت پڻ واضع ٿيل آھي تہ قبرستان ۾ لاش دفنائڻ جي سختي سان منع ٿي ڪجي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون ڪارروائي ڪئي ويندي. اھڙو بورڊ لڳڻ بعد ٺٽي ۽ مڪلي جي سياسي سماجي، مذھبي علمي، ادبي ڌررن سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ مڪلي قبرستان ۾ اسان جون ڪافي پيڙون دفن ٿيل آھن ٺٽي، مڪلي شھر سميت ضلعي ٺٽي جي سوين خاندانن جو مقام آھي سندس ھزارين پيارا مڪلي قبرستان ۾ آرامي آھن پر افسوس سان مڪلي قبرستان ۾ اسان جي جنازن کي دفن نہ ڪرڻ وارو فيصلو ڪري مقامي ماڻھن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي ھنن چيو تہ اھڙو نادر شاھي حڪم واپس نہ ورتو ويو تہ احتجاج ڪرڻ سميت فيصلي خلاف عدالت وينداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.