ڪي اين شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت سي آءِ اي پوليس خلاف ڌرڻو

خيرپورناٿن شاھ ( رپورٽ : سيد اطهر بخاري ) خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ گلزار ٿيٻو جي رهواسين عورتن مردن ٻارڙن سي آءِ اي انچارج دادو افتخار جمالي جي زيادتين خلاف مسمات صاحب خاتون سولنگي، گلزار خاتون  سولنگي، سهڻي کوسو، اشرف خاتون سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ گلزار ٿيٻو سامهون خيرپورناٿن شاھ ۽ سيتارو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جتي سي آءِ اي انچارج دادو افتخار جمالي خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا، ان موقعي تي مسمات صاحب خاتون سولنگي دانهيندي ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ منهنجو پٽ ديدار سولنگي ڳوٺ جي چڱي مڙس گلزار ٿيٻو سان گڏ ڪار ۾ دادو کان ڳوٺ اچي رهيا هئا ته دادو ڀرسان سي آءِ  اي انچارج دادو افتخار جمالي ۽ اي ايس آءِ گل محمد لنڊ ڪار کي بيهاري منهنجي پٽ ديدار سولنگي کي لاهي تشدد ڪري زبردستي کنڀي کڻي وڃي مٿس من گهڙت ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جيڪا اسان غريبن سان وڏي زيادتي آھي، هنن دانهيو ته احتجاج ڪرڻ تي سي آءِ  انچارج دادو  احتجاج ڪرڻ تي اسان جي مردن کي ڌمڪائي رهيو آھي تحفظ ڏيڻ بجاءِ  پوليس عملدار ڌمڪائي رهيا آھن، هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ديدار سولنگي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين فوري آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين ٻارڙن سميت انڊس هائي وي بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهندا سين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.