مچ سانحو ۽ وزيراعظم جي آمد وارو معاملو

بلوچستان جي شهر مچ ۾ هزاره برادريءَ جي يارنهن ماڻهن جي قتل بعد جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، اها صورتحال انهيءَ دردناڪ واقعي کان وڌيڪ اذيت ناڪ آهي جو انهيءَ واقعي کي اڄ ڇهون ڏينهن ٿيندو جو هزاره  برادريءَ جا هزارين ماڻهو مرد توڙي عورتون ٻار توڙي ٻڍا رت ڄمائيندڙ سرديءَ ۾ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، هزاره برادريءَ جي احتجاج جو تڪليف وارو پهلو اهو آهي ته انهن اڃان تائين مقتولن جا لاش دفن نه ڪيا آهن جيڪي پڻ ڪفن ۾ بند هزارين ماڻهن جي وچ ۾ پيل آهن، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪوئٽه اچي سندن احتجاج ۾ شامل ٿئي ۽ کين يقين ڏياري ته ايندڙ وقتن ۾ هزاره برادريءَ سان اهڙي قسم جو قهر نه ٿيندو، هزاره برادريءَ جي اهڙي احتجاج کي مان ڏيندي مخالف ڌر جي اڳواڻن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز سميت ٻيا ڪيترائي اڳوڻ تڏي تي پهتا ۽ انهن جي غم ۾ برابر جو شريڪ ٿيا، مظاهرين ۽  مقتولن جي وارثن کي اها اميد هُئي ته وزيراعظم به ايندو ۽ سندن سان غم ونڊيندو، جڏهن مظاهرين جي اهڙي اميد پوري نه ٿي ته انهن جي اهڙي تقاضا جهڙوڪر هڪ گهر جي دور ۾ داخل ٿي وئي ته جيستائين وزيراعظم ڪوئٽه اچي اسان کي انصاف نه ڏياريندو تيستائين لاش نه دفنايا ويندا، جيئن جيئن وزيراعظم جي اچڻ جي اميد گهٽ ٿيندي وئي تيئن تيئن هزاره برادريءَ جي موقف ۾ سختي ايندي وئي ۽ اهڙي موقف جي پورائي لاءِ هزاره برادريءَ احتجاج جو رستو پڻ اختيار ڪيو جنهن جي ڏس ۾ ملڪ جي انهن علائقن ۾ جتي برادريءَ جو اثر آهي اتي ڌرڻا هڻي ٽريفڪ جي رواني بند ڪئي وئي، اهڙو احتجاج انتهائي موثر نموني ڪراچيءَ جي ڪيترن کي علائقن ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين جاري آهي، ڪراچيءَ جي روڊن رستن کي بند ٿيندي ڪالهه ست ڏينهن ٿيندا، جنهن ڪري شهري انتهائي اذيت واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ شهر جي انهن علائقن ۾ روڊ ۽ رستا بند ڪرڻ تي رستو بند ڪندڙن ۽ شهرين جي وچ ۾ جهڙپن جا اطلاع پڻ آهن.

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مچ واقعي ۾ جيڪي يارنهن ماڻهو مارجي ويا آهن، انهن جي ڏک ۾ سندن جا وارث انتهائي غم ۽ ڏک جي تصوير بڻيل آهن ۽ سموري هزاره برادري صدمي ۾ ورتل آهي جڏهن ته ملڪ جي عوام کي پڻ ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، مچ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

مچ واقعي جو افسوس ناڪ پهلو اهو آهي ته اڃان تائين مقتولن جا لاش تدفين جي انتظار ۾ آهي، اڃان تائين هزاره برادريءَ جو احتجاج جاري آهي ۽ اڃان تائين وزيراعظم ڪوئٽه اچي نه سگهيو آهي، لاشن جي تدفين هاڻي جهڙوڪر وزيراعظم جي ڪوئٽه اچڻ سان مشروط آهي، ان ڳالهه تان نه هزاره برادري ٿي پوئتي هٽي ۽ نه ئي وري وزيراعظم ٿو پوئتي هٽي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هزاره برادري اڄ ئي لاش دفن ڪري مان اڄ ئي ڪوئٽه پهچندس، جنهن جو مقصد ٿيندو ته هزاره برادري پهريان لاش دفن ڪري ته پوءِ مان ايندس ۽ هزاره برادريءَ جو موقف آهي ته پهريان وزيراعظم اچي ته پوءِ اسان لاش دفن ڪيون.

هزاره برادريءَ جي تڏي تي شروع ۾ گهرو معاملن وارو وفاقي وزير شيخ رشيد پهتو، جنهن کي موٽايو ويو، هزاره برادريءَ جي تڏي تي پهرين ئي ڏينهن بلوچستان جي گهرو معاملن وارو وزير پهتو پر ان سان به ڳالهيون نه ڪيون ويون، ۽ آخري اطلاعن تائين احتجاج جاري هو ۽ لاش دفنائجي نه سگهيا هيا.

هزاره برادريءَ جي احتجاج ۽ لاشن کي وزيراعظم جي اچڻ سان دفنائڻ وارو معاملو اسان جي ڄاڻ موجب اهڙي صورتحال آهي جنهن کي اسان اڳ نه ڏٺو آهي، موجوده صورتحال پنهنجي جاءِ تي هڪ عجيب صورتحال ضرور آهي جنهن ۾ لاش احتجاج طور ڇهن ڏينهن کان دفن نه پيا ٿين، انهيءَ صورتحال ۾ مقتولن جا لاش هڪ اهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن جنهن جي اجازت نه اسان جو مذهب ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري معاشرو اهڙي عمل جي اجازت ڏئي ٿو، جڏهن ته سوال احتجاج جو آهي، اهڙي صورتحال ۾ وزيراعظم جو ڪوئٽه نه اچڻ واري معاملي کي بنياد بڻائي مقتولن جي تدفين نه ڪرڻ اسين سمجهون ٿا ته اهڙو رد عمل آهي، جيڪو پنهنجيون حدون ٽپي وڃي ٿو، اسان ان خيال جا آهيون ته جيڪڏهن هزاره برادريءَ کي احتجاج ڪرڻو آهي ته پوءِ اهڙي احتجاج کي موثر، قانوني ۽ آئيني بنائڻ لاءِ پريس ڪلبن جي اڳيان احتجاج، اسيمبلين ۽ عدالتن جي اڳيان احتجاج، پارليامينٽ جي اڳيان احتجاج ڪري سگهجي ٿو، جتي ٻيون ڌريون به مهينن کان احتجاج ڪنديون رهن ٿيون، اسان ان خيال جا آهيون ته بهتر نموني مذهبي فرض ادا ڪندي فوري طور تي لاشن کي دفنائڻ وارو عمل مڪمل ڪرڻ گهرجي.

اسان ان خيال جا پڻ آهيون ته مچ سانحي بعد وزيراعظم جو ڪوئٽه نه پهچڻ پنهنجي جاءِ تي نامناسب ضرور آهي، پر اهو به ضروري نه آهي ته ڪنهن سانحي تي ملڪ جو وزيراعظم پهچي، جيڪڏهن ان جو ڪو نمائندو، يا گهرو معاملن وارو وزير پهچي ٿو ته ان کي پڻ مان ڏيڻ گهرجي جو اهي ماڻهو به حڪومت ۽ رياست جا عيوضي ئي آهن، اسان ان خيال جا آهيون ته وزيراعظم کي پڻ اهڙي سانحي جو نوٽس وٺندي پهچڻ گهرجي ها، پر جي نه پهچي سگهيو آهي ته ان کي ”ضد“ جو بنياد بنائڻ ڪنهن به نموني درست نه آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي فوري طور تي مقتولن کي دفنايو وڃي ۽ وزيراعظم کي سانحي تي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ جوڳي توجهه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ اسان اهو به چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته وزيراعظم مقتولن جي تڏي ته نه پهچي ڪوتاهي ضرور ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.