تبديلي جي نعري تي پاڪستان جي عوام سان دوکو

تحرير: جاويد مهر

پاڪستاني قوم يقينن تبديلي سرڪار جي تبديلي لاءِ سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو هوندو، سوچي به آخر ڇو نه؟ ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ جو حڪمران سوچڻ جي صلاحيت نه رکي يا وڃائي ويهي ته پوءِ قوم کي ئي سوچڻو پوندو آھي، جيتوڻيڪ اها سوچ هڪ سال کان ماڻهن جي ذهنن ۾ گهر ڪري ويٺل آھي، پر جئين اسان 73 سال ڪنهن بهتري جي آسري گذاريا آھن، انهي ڪري شايد هڪ ٻيو سال به ماڻھن ان اميد ۾ گذاري ڇڏيو ته متان ڪا تبديلي اچي، جڏهن ته ٿيو وري اهو ئي جيڪو ٿيندو رهيو آھي، اميد ته سمجهي ويا هوندئو؟ جيڪڏهن نه سمجهي سگهيا آھيو ته پوءِ اچو ته ڳالهين ذريعي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ پنهنجي 20 سالن جي سياست ۽ خاص طور چونڊ مهم دوران پاڪستاني سياست کان بيزار ۽ ٻن پارٽين کان تنگ ٿيل عوام کي تبديلي جي نعري تي جيڪي خواب ڏيکاريا، انهن گهڻن ئي ماڻھن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته  واقعي ئي هيءُ  ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو اونو يا جذبو رکي ٿو، ان ڪري عام چونڊن ۾  ڳجهي هٿ جي آشيرواد سان گڏوگڏ عوام جي وڏي انگ به دل کولي ووٽ سندس جهولي ۾ وڌو، جنهن تي ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه سدائين ذھن ۾ رکندا ڪيو ته طاقتور ڌريون جنهن تي هٿ رکنديون آھن، ان کان پاپولر سياست ڪرائڻ سندن پهرين ترجيح هوندي آھي، انهي لاءِ عمران خان کان عوام جي حقيقي مسئلن تي سياست ڪرائي وئي، جڏهن هڪ ماڻھو 24 ڪلاڪن مان 16 ڪلاڪ موجوده دور جي طاقتور هٿيار پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تان عام ماڻھن جي ڳالهه ڪندو ته پوءِ اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته سندس پرچار اثر نه ڏيکاري، سو هن ڀيري هڪ قابل حڪيم جيان عام ماڻھن جي نبض تي هٿ راند کيڏي وئي آھي.

عمران خان جي پارٽي ٺھڻ کان وٺي  12 سالن تائين ڪيل سياست يا موقف ۽ پوئين 10 مان ستن سالن جي سياست ۽ موقف جو جيڪڏهن جائزو ورتو ويندو ته اها مڪمل طور تبديل نظر ايندي، اڃا به جيڪڏهن ناليوارو صحافي سهيل وڙائچ جي ٻولي ۾ کليو تضاد چئجي ته بهتر رهندو،ان ڪري اسان کيس جيڪو هاڻ يوٽرن جو خطاب ڏيون پيا، اهو اعزاز وٽس گهڻو اڳ جو آھي، جنهن کي عام ماڻھو تبديلي جي دلفريب نعري ۾ محسوس ئي نه ڪري سگهيو، پر هن وقت جڏهن هو کلي سامهون آيو آھي ته ڪراچي کان وٺي خيبر تائين عوام جون رڙيون نڪري ويون آھن، جنهن ڪري ھرپاسي هڪ عجبيب صورتحال آھي، ائين محسوس ٿئي پيو ته ملڪ ۾ ڪنهن نادان بادشاهه کي تخت تي ويهاريو ويو آھي، جيڪو پي ٽي وي جي مشھور ڊرامي با ادب باملاحضه هوشيار ۾ قاسم جلالي پاران ڪيل عوام آزار بادشاهه جيان ابتا سبتا فيصلا ڪري رڳو اهو چئي رهيو آھي ته انصاف ٿيندو ضرور ٿيندو.

جيڪڏهن ڪو سوچي پيو ته عمران خان يوٽرن خان اڳ ڪئين هو؟ ته ان لاءِ هڪ مثال ئي ڪافي آھي ته هو هن وقت جن پارٽين جي مخالفت ڪري رهيو آھي، ماضي ۾ اهو سندن اتحادي رهيو آھي، جيڪڏهن اتحادي نه به چئجي ته پوءِ اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته هن ساڻن گڏجي سياست ڪئي آھي، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان به شامل آھي، جڏهن ته جماعت اسلامي ته سندس وڌيڪ ويجهي رهي، ڇاڪاڻ ته اها ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف جي مخلوط صوبائي حڪومت جو حصو هئي، اها ٻئي ڳالهه آھي ته جڏهن خان صاحب جي ڪا سياسي حيثيت نه هئي ته جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ اسلامي جمعيت طلبه جي نوجوانن هڪ تعليمي اداري ۾ اچي پنهنجي شاگرد ونگ جو يونٽ ٺاهڻ جي ڪوشش تي کيس ڪٽڪو ڏنو هو، ھو ڪيترائي ڪلاڪ وٽن يرغمال رهيو، پر بعد ۾ مرحيات قاضي حسين احمد جي مداخلت سبب سندس جان آجي ٿي، انهي ڪري يوٽرن وٺڻ جو شروع کان ئي ماهر آھي، ان باوجود ڪو جيڪڏهن پاڻ کي اصول پسند سڏرائي ٿو ته ان ۾ حيرت جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه پاڪستاني سياستدانن جي ڊي اين اي ۾ شامل آھي.

هن مهل جئين ته پاڻ عمران خان صاحب جي شاندار سياست تي ڳالهائي رهيا آھيون، اهڙي موقعي تي ڀلا سندس ان رخ کي ڪئين وسارجي ته کيس اهو به اعزاز حاصل آھي ته هن پاڪستاني سياست ۾ اڳ کان موجود مخالفت براء مخالفت واري گند کي اڃا وڌايو آھي، پهريان پ پ ۽ ن ليگ وارا سياسي مخالفت ۾ ھڪ ٻئي کي هيٺاهين ڏيکارڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا هئا پر تحريڪ انصاف سمورا ليڪا لتاڙي تبديلي جي سياست ۽ نعري جو کليل نموني مطلب سمجهايو آھي ته تبديلي جي سياست ڪئين ڪبي آھي، پهريان اسان ايم ڪيو ايم وارن کي مڃيندا هئاسين ته اهي ڪوڙ سٺو ڳالهائي وڃن ٿا پر تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي حق ۾ دليل ٻڌي خبر پوي ٿي ته ڪوڙ کي سچ جو بهترين لباس پارائڻ ته شيخ رشيد، فواد چوڌري، شهزاد اڪبر، فردوس عاشق اعواڻ، علي زيدي ۽ فياض الحسن چوهاڻ کان وڌيڪ ڪو به نٿو ڄاڻي، ڪوڙ ته رحمان ملڪ جا به واهه جا هئا، پر کيس وڌيڪ بهتر تربيت لاءِ مٿين شخصيتن سان رابطو ڪرڻو پوندو، جيڪي سڀئي عمران خان جي ٽيم جا اهم ميمبر آھن، جن جي صلاح مشورن کي هو اهميت ڏئي ٿو،  ڪنهن شاعر چواڻي ” پوءِ ڀلا ڇو نه  نسلن جا نقصان ٿيندا“.

اسان کي ان ڳالهه سان ڪو اختلاف ناهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آھي ته ڀلي کين ٽنگي ڇڏيو، پر ان ڳالهه تي به خاموش نه رهبو ته تحريڪ انصاف جو آخر اهو ڪهڙو انصاف آھي ته وزيراعظم جا سڀ ساٿي هر احتساب کان آجا آھن ۽ سندن ڪيس اڳتي چرن ئي ڪون ٿا، ڇا انتقام جي سياست ختم ڪرڻ جو نعرو ان کي چئبو آھي جيڪو تبديلي جي سياست جو اهم حصو هو، افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته عمران خان جن ٻن پارٽين مان عوام جي جند ڇڏائڻ جي دعوا ڪئي هئي اهو اڄ پنهنجي ناقص پالييسين سبب انهن کي ئي مضبوط ۽ سندن قيادتن کي مظلوم بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي، جيڪڏهن کيس ان جو اندازو لڳائڻو آھي ته پوءِ پي ڊي ايم طرفان ٿيل جلسن ۾ عوام جي شرڪت ڏسي، جيڪو هڪ سال اڳ مخالف ڌر جي سڏ تي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، پر مهانگائي، بيروزگاري، اجها کسجڻ ۽ پگهارون نه وڌڻ سميت ٻين غريب دشمن قدمن جي ڪري هاڻ سندن جلسن جلوسن ۾ اچي شريڪ ٿيو آھي، جنهن سان نواز شريف، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي موقف کي هٿي ملي رهي آھي

شايد ڪو ان ڳالهه سان اختلاف ڪري پر اها حقيقت آھي ته پاڪستان ۾ جن پارٽين کي عوام دل لڀائندڙ نعرن سبب ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻي ٿو، اهي ساڳيا ماڻھو کين حڪومت مان ڪڍڻ لاءِ روڊن تي نڪري اچن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ هجي ته ملڪي سياست جا ورق اٿلائي پٿلائي ڏسي ته سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، بدقسمتي سان عوام کي ايترو ته آزاريو وڃي ٿو ته ٻن اڍائي سالن ۾ ان کي مجبور ٿي ڪنهن نه  ڪنهن سياسي پارٽي جو سهارو وٺي ٻاهر اچڻو پوي ٿو، ته جئين حڪمرانن مان جان ڇڏائي سگهجي، جيتوڻيڪ جنهن جو سهارو ورتو وڃي ٿو اها به آزمايل هوندي آھي پر جئين عرض ڪيو ته ماڻھو تنگ هوندا آھن، ان ڪري اهي ان ڳالهه کي به نظر انداز ڪري رڳو اهو سوچي قدم کڻن ٿا ته ان سان کين وقتي رليف ملندو ۽ پوءِ ويچارا نئين اقتداري پارٽي جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پون ٿا.

هن وقت پاڪستان جي عوام جي ساڳئي صورتحال آھي، اهو ماضي جيان حڪمرانن مان جند ڇڏائڻ جو سوچي رهيو آھي، ڇاڪاڻ ته اهو سمجهي ٿو ته  ساڻن تبديلي جي نعري تي وڏو دوکو ٿيو آھي، مچ ۾ 11 پورهيتن کي جانورن جيان ڪهڻ کان پوءِ عمران خان وزيراعظم جهڙي اهم عهدي تي جنهن غير ذميداري جو مظاهرو ڪيو آهي ان بعد گهڻن جون اکيون کلي ويون آھن ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر پاڻ کي متحد رکڻ ۾ ڪامياب وئي ته پوءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت شايد ئي جٽاءُ ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته مچ جي شھيدن جي ڌرڻو هنيل وارثن بابت ڳالهايل ٻولي ۽ تبديلي جي نعري تي ٿيل دوکي تي عوام وزيراعظم عمران خان تي صفا ڪاوڙيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.