ھزاره: اسان کي آٿت نه، تحفظ ڏنو وڃي

تحرير: سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

مان پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي دارالحڪومت واري شهر ڪوئيٽا جو باشندو آھيان، ھي منهنجي اڳيان مون جهڙا، منهنجي ڪٽنب جا ڀاتي ۽ منهنجي ھزارہ برادريءَ جا ماڻهو ويٺل آهن. ھي سڀئي بلڪل مون جهڙا سادا انسان آهن، ٻين پاڪستانين جيان حلال ڪمائي ڪندڙ آهن، ننڍن مڪانن ۾ زندگي گذارڻ وارا آھن، ۽ وڏي مشڪل سان پنھنجي زندگيءَ جو گاڏو هلائيندڙ آهن.

ھن رياست ۾ ٻيا به الائي ڪيترائي ماڻهو اھڙا آھن، جيڪي روڊن، رستن تي نڪرندا آهن. پوءِ ڪنهن جو ٻاهر نڪرڻ جو مقصد سياسي ھوندو آھي، ڪنهن جو وري مذهبي. پر منهنجي قبيلي جا ماڻهو پنهنجي بقا خاطر ٻاھر نڪرندا آهن. اسانجو ھدف فقط سٺي طريقي سان زندگي گذارڻ آهي، ۽ پنهنجي ڪٽنب جي ماڻهن کي زنده رکڻ آهي.

ھن وقت کان اڳ ۾ اسان سڀ پنھنجن ڪم ڪارن ۾ مصروف ھئاسين پوءِ ڪو ويچارو ڪوئلي جي کاڻين مان موٽي اچي گهر پنهجن پيارن ٻچڙن سان روح کي وندرائيندو ھو. ڪو وري سڪل مانيءَ کائي ڌڻي سڳوري جو شڪريو ادا ڪندو ھو.  پوءِ اسان سڀ کلي آسمان هيٺان روڊ تي نڪري آيا سين.ڳپل دير کانپوءِ اسان جي برادريءَ جو ھڪ ڊيڪوريشن (خيمي) وارو ڪجهه دير کانپوءِ ڪجهه ڪناتون ۽ ڪجهه لڪڙا کڻي آيو ۽ اسان اتي ئي شاميانو کوڙي عارضي ڪيمپ ٺاھي ورتي،

وڃڻ لاءِ ته اسان ڪوئيٽا پريس ڪلب تي به وڃي سگهياسين پي، پر پوءِ ھڪٻئي سان غور ويچار ونڊيو سين ته اتي ويٺل بلوچن کي ڪجهه نه ملي سگھيو ته اسان کي ڇا ملندو.  ھي جيڪي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل آهن، ۽ جن جي ڪفنن مٿان ياحسين لکيل آهي، ۽ ھي جيڪي ميتون قطار ۾ نيري آسمان هيٺان رکيل آھن، ھي انهن مزدورن جا جنازا آهن جن کي ڪجهه ڏينهن پهريان مڇ ۾ بيدردي سان شهيد ڪيو ويو. ھي سڀ اسان جي برادريءَ جا ماڻهو آھن. قطار ۾ پيل جنازن منجهان ھڪ ميت اھا به آهي جيڪا ڇهن ڀيڻن جي ڀاءُ جي آھي، ھنن منجهان هڪ جنازو چار ٻارڙن جي پيءُ جو آهي، ھوءَ جيڪا ٽئي نمبر تي ميت رکيل آهي اھا تازي شادي ٿيل ڇوڪري جي آھي، جيڪو فقط 18 سالن جي عمر جو ھو.

ھون جيڪي روڊ تي ويهي پنهنجن پيارن جي لاشن تي زارو قطار روئي رهيون آهن، اھي سڀ اسان جي قبيلي جون اھي عورتون آهن جيڪي روڊن رستن تي ويهڻ جون عادي نه آهن. انهن جنازن جي وچ ۾ توهان کي ھڪ اھا امڙ به نظر ايندي جيڪا روئي روئي ساڻي ٿي وئي آهي.

ھو جيڪي سرد ھوائن جي ڪري ڏڪي رھيا آھن اُھي اسان جي قبيلي جا ٻار آهن. انهن منجهان گهڻن تڻن کي ڪجهه مهينا پهريان ئي يتيم ڪيو ويو ھو، ڪجهن کي وري ڪجهه گهڙيون پهرين يتيم ڪيو ويو آهي. ۽ اسان کان اھيو پچي رھيا آھن ته اھڙي سياري ۾ اسان کي کلي آسمان هيٺ ڇو ويهاريو ويٺا آهيو. ۽ ڪجھه جيڪي صفا صغير آهن ۽ پنهنجين مائرن جي جهول ۾ جهولا کائي رھيا آھن جن کي اڃان تائين اھان خبر ناهي ته يتيمي ڇاکي چئبو آهي. انهن سان جيڪڏهن توهان کيڏڻ شروع ڪندو ته اھي مسڪرائڻ لڳندا آهن. پر جڏهن ھون پنهنجين مائرن جي اکڙين مان ڳوڙها وھندي ڏسندا آهن ته کلڻ وساري ڇڏين ٿا ۽ ڊڄڻ شروع ٿي ويندا آهن.

ھي جيڪو اڳيان توھان کوڙ سارن ماڻهن جو هجوم ڏسي رھيا آھيو، اھا رش جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت جي ڪارڻ ٿي آهي. انهن مان هڪ اھو به آھي جيڪو چئي رھيو آھي ته منهنجا پنهنجا به شهيد ٿيا آهن، ۽ مان انهن جي قاتلن کي سزا نه ڏياري سگهيو آهيان، مان ان کي ايترو ضرور چوندس ته تو پنهنجن پيارن جي صدقي پنج سال اقتدار جا حاصل ڪيا، تنهنجا شهيد ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، منهنجا شهيد ڳڻڻ کان به گهڻا آهن. مونکي ته اڃان تائين انهن جي صدقي پنهنجن مٽن، مائٽن جو تحفظ جي به خاطري نه ڪرائي وئي آهي.

ٻئين اھا عورت آهي جيڪا وڏيون رڙيون ڪري چئي رھي ته وزيراعظم الائجي ڪهڙي انا جي ڪري ھتي نٿو اچي. مان ان کي ايترو ضرور يادگيرو ڏياريندس ته اسان تنهنجي پيءُ جي دور حڪومت ۾ به پنهنجن جا جنازا کلي آسمان هيٺ رکيا ھئا.

منهنجي رياست جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ وارو وزير اعظم گرم ڪمري منجهان اھيو ٽوئيٽ ڪري رھيو آھي، ته پنهنجن پيارن جا جنازا دفنائي ڇڏيو ته جيئن انهن کي سڪون ملي. مان ان کان سوال ڪندس ته انهن جي پونيئرن کي سڪون ڪير بخشيندو؟ ٻيهر پنهنجن پيارن جون ميتون روڊ تي نه رکڻ جي ذميواري ڪير کڻندو؟ ھو چئي رھيو آھي ته فرقيواريت پاڙيسري ملڪ جي سازش آهي پر مان ان تي اعتبار ڪيئن ڪيان. ھتي ته مونکي ھر ڪو فرعون ٿو لڳي جيڪو منھنجي قبيلي جي ماڻهن کي مارڻ جي سازش ۾ رڌو پيو آهي. ۽ ھتي ھر يزيد کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٿو جيڪو اسان کي ماريو ھليو وڃي ٿو.

منهنجي قبيلي وارا پهريان به انهن رھنمائن جي ڪوڙن واعدن ۾ اچي ڪري ھڪ سٺي زندگيءَ جيئڻ جون اميدون لڳايون ھيون. پر انهن جا اڀاڳا نصيب ھميشه ڦٽل ئي رھيا.  منهنجي قبيلي جي ماڻهن ان کان پهريان به پنهنجن پيارن جي لاشن کي خاڪ جي سپرد ڪيو آهي.  اھي ڪير آھن جيڪي منهنجي قبيلي کي اجاڙڻ جي پويان آهن؟

آخر رياست جي ڪهڙي مجبوري آهي جو ھوءَ منهنجي قبيلي جي قاتلن جا نالا نروار نٿي ڪري؟

رياست ڇو اسان جي قاتلن کي سرعام ڦاهي تي نٿي لٽڪائي؟

آخر ڪار مان ڪيستائين پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي جنازن کي روڊن، رستن تي رکندس؟

اسان کي ھن وقت آٿت جي ضرورت ناهي اسان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.