سياست ۾ جهاد جو عمل دخل ۽ ان جا منفي اثر

تحرير: ڊاڪٽر دوست محمد

هن وقت ملڪ جي سياست کي هڪ اهڙي صورتحال درپيش آهي جنهن جو مثال گذريل سالن ۾ مشڪل سان ئي ڏسڻ ۾ ايندو، جمهوري نظام ۾ حڪمران ڌر ۽ مخالف ڌر لازم ۽ ملزوم هونديون آهن، جڏهن ته صوبن جون ننڍِيون وڏيون جماعتون انهن ٻنهي جماعتن جون حمايتي ۽ مخالف هونديون آهن، جمهوري نظام ۾ مخالف ڌر جو هجڻ هڪ فطري عمل آهي ۽ مخالف جو ڌر جو هجڻ ان لاءِ به ضروري آهي ته مخالف ڌر ئي واحد قوت هوندي آهي جيڪا حڪمران ڌر جي ڪوتاهين جي نشاندهي ڪندي آهي ۽ ان کي سڌي رستي تي هلڻ لاءِ مجبور پئي ڪندي آهي. جمهوري نظام ۾ مخالف ڌر کان بغير حڪومت ۽ جمهوريت جو تصور به مشڪل هوندو آهي.

پاڪستان ۾ هن وقت جيڪو جمهوري نظام آهي، ۽ حڪمران ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ جيڪي تعلقات آهن، انهن جو مثال ڪُتي ۽ ٻليءَ جي تعلقاتن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان وڏي واڪي اها ڳالهه چوندو رهي ٿو ته هو ٻاويهه سالن جي سياسي جدوجهد بعد حڪومت ۾ آيو آهي، پر سندس ٻاويهن سالن جي سياسي جدوجهد بعد حڪومت اچڻ ۽ گذريل ٽن سالن جي سندس حڪومتي دور جو مّشاهدو ڪرڻ بعد اها ڳالهه واضع نموني سامهون اچي ٿي ته هن وقت تائين حڪومت جو ويزن به واضع نه آهي. عمران پنهنجي سياسي جدوجهد ۽ چونڊن دوران پنهنجي حڪومت جو جيڪو خاڪو ۽ نقشو پيش ڪيو هو، حڪمرانيءَ جا جيڪي قانون ۽ اصول واضع ڪيا هيا، خدا ٿو ڄاڻي ته سندس سياسي ساٿي ۽ حڪومتي وزير ان کان ڪوهين ڏور آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس جا مخالف ۽ ميڊيا عمران حڪومت جي خلاف استعمال ڪندا رهندا آهن.

تعليم، صحت، روزگار ۽ انصاف اهڙيون شيون آهن جيڪي هر حال ۾ عوام کي فراهم ڪيون وينديون آهن ۽ هر حڪومت جي ترجيح آهي ته اهي شيون عوام کي فراهم ڪري. پر افسوس جو هن وقت تائين انهن شين مان ڪابه شيءِ عوام کي فراهم نه ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ احتساب جو نعرو چونڊن کان اڳ ئي هنيو ويو هو پر تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اچي اڃان تائين احتساب واري عمل ڪري مڪمل ڪري نه سگهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن جو احتساب ٿيو آهي. ملڪ جي وڏن وڏن سياستدانن کي نيب گرفتار ڪيو پر پوءِ آهستي آهستي اهي نيب جي جڪڙ مان نڪري ويا ۽ انهن مان ڪيترا ته پرڏيهه کسڪي ويا، نيب هن وقت تائين ڪنهن جي به خلاف ڪو ٺوس ثبوت هٿ ڪري نه سگهي آهي.

عمران خان اها ڳالهه درست چونڊو آهي ته جڏهن احتساب ٿيندو ته مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون گڏجي وينديون ۽ احتساب کي ناڪام بنائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائينديون، پر عمران خان وڏي واڪي چوندو رهي ٿو ته مخالف ڌر جا ڪرپٽ اڳواڻ منهنجي زبان مان رڳو ٽي لفظ ٻڌڻ چاهين ٿا ( اين آر او )، پر مان کين ( اين آر او) نه ڏيندس. جڏهن ته مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون عمران حڪومت جي خاتمي لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيون آهن ۽ ڪورونا وائرس هوندي ايس او پيز کي لتاڙيندي وڏا وڏا جلسا ۽ جلوس ڪري رهيون آهن.

بهاول پور جي رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ جهڙي نموني هزارن جي انگ ۾ مدرسن جي طالبن کي استعمال ڪيو ويو ان جا اسان جي سياست، سماج ۽ معاشري تي تمام گهڻا گهرا ۽ ڏور رس اثر پوندا. ماڻهو مدرسن کي چندو ان ڪري ڏيندا آهن ته جيئن اتي انهن جي ٻارن کي دين جي تعليم ملي، پر جڏهن انهن مدرسن جي طالبن کي ڏنڊا هٿن ۾ هڪ فورس بڻائي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ معاشري ۾ سوال پڻ اٿندا، اهڙو ئي سوال پنهنجي دور ۾ ملڪ جي نامياري سياستدان خان عبدالولي خان پڻ اٿاريو هو.

منهنجي خيال ۾ دين ۽ سياست جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق آهي، پر جهڙي نموني اسان جي ملڪ ۾ دين ۽ سياست کي گڏي استعمال ڪيو ٿو وڃي اهو عمل انتهائي ناپسنديد عمل آهي، جڏهن ته وقت جي دنيا ۾ جيڪا ( گلوبل وليج) جي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، ان ۾ اهڙي سياسي عمل جا نتيجا سٺا نه ٿا نڪرن ۽ نه ئي وري اهڙي سياست جو دنيا طرف ڪو مثبت نياپو وڃي ٿو. بدقستي آهي جو هاڻي اسان جي سياست ۾ اهڙو عنصر پڻ داخل ٿي رهيو آهي جيڪو ڪنهن به طور تي ڪو سٺو سنوڻ نه آهي.

هن وقت عمران خان جي خلاف سياسي جدوجهد جهڙوڪر جهاد جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جيڪو به ماڻهو عمران خان جي حڪومت خلاف جدوجهد ۾ حصو نه ٿو وٺي ته اهو جهڙو گناهه ڪبير ٿو ڪري، الله خير ڪري جهاد اسلام جو هڪ مقدس عنصر آهي، 9/11 کان پوءِ صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو هاڻي جيڪڏهن هڪ ڌر ٻئي ڌر تي حملو ڪري ٿي ته وڏي واڪي ” الله اڪبر“ جو نعرو هڻي ٿي، ان ڏس ۾ انتهائي افسوس ناڪ ڳالهه اها آهي جو دنيا جا جيڪي ملڪ جهاد جي خلاف آهن، انهن جهاد خلاف اهڙي ته تشريح پيش ڪري ڇڏي آهي جو ان جا منفي اثر اسان هن وقت تائين ڀوڳي رهيا آهيون.

انهيءَ ڪري ملڪ جي سياسي جماعتن کي درخواست آهي ته هو ملڪ جي جمهوري عمل دوران سياست ڀلي ڪن، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جهاد واري عمل کي استعمال نه ڪن سندن جو اهڙو ئي عمل عوام ۽ حڪومت لاءِ انتهائي بهتر ثابت ٿيندو. بهتر اهو ٿيندو ته سياسي عمل کي سياست ذريعي کي سرانجام ڏنو وڃي ۽ پنهنجن مخالفن کي جمهوري عمل ذريعي شڪست ڏين، جو جمهوريت ئي بهتر انتقام آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.