پ پ ۽ وفاق جو سنڌ سان رويو!

تحرير: راشد علي ڀرڳڙي 

سنڌ صوبي سان ٿيندڙ ناانصافيون، وفاق سنڌ جي وسيلن ۽ حقن تي ڌاڙا پيو هڻي. وفاقي سرڪار سنڌ صوبي جي حقن تي هميشه کان ڌاڙا هڻندي پئي اچي، هن وقت به ڪيترائي سنڌ جا وسيلا وفاق جي قبضي هيٺ آهن. ملڪ ۾ سنڌ صوبو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال خطو آهي. وفاق ۽ پيپلزپارٽي جي غلط روين جي ڪري سنڌ صوبي کي مصيبتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

ڇا وفاق سنڌ جي خوشحالي ڏسڻ نٿو چاهي؟

جيڪڏهن سنڌ صوبو خوشحال هوندو ته وفاق جي اڳڀرائي نه ڪندو هن سبب جي ڪري وفاقي حڪومت سنڌ سان حسد جي نظر سان ڏسي پئي. جڏهن کان وٺي پاڪستان جو بنياد رکيو ويو آهي. تڏهن کان وٺي وفاق سنڌ صوبي سان ناانصافيون ڪندو پيو اچي. وفاق سنڌ کي پنهنجي جاگير بڻائڻ چاهي ٿو. وفاق سنڌ جي معاشي وسيلن تي ڌاڙا هڻي ۽ سنڌ جي معاشي وسيلن کان وٺي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪيو آهي. انهن ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرائي سنڌ جا ڪيترائي ڪونڌر پٽ قتل ڪرايا. ته ڪڏهن وري سنڌ جي بجيٽ ۾ ته ڪڏهن وري سنڌ جي پاڻي جيڪو پنجاب کي ڏنو ويو آهي. سنڌ جون زمينون هجن يا سنڌ ۾ نوڪريون هجن پٺاڻن ۽ مهاجرن کي ڏنيون ويون آهن. وفاق جو اهڙو رويو سنڌ جي حقن خلاف آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ڏکائيندڙ آهي وفاق جو اهڙو رويو ڏٺو وڃي ته ان ۾ پيپلزپارٽي به ملوث آهي ۽ پيپلزپارٽي جي ڪردار ڏانهن هڪ نظر ڪئي وڃي، انهن به وفاق جو ساٿ ڏنو آهي. پيپلزپارٽي ذاتي مفادن خاطر سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت پاران آرڊيننس اٿارٽي جوڙي ۽ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي قبضو ڪيو. وفاقي سرڪار جو اهڙو فيصلو غير قانوني آهي. وفاق جو سنڌ ڏانهن اهڙو رويو خطرناڪ آهي.  اسان جي ملڪ پاڪستان اندر ون يونٽ جهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي ملڪ جي سڀني صوبن کان وڌيڪ سنڌ صوبي سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو ويو ۽ سنڌ جا ٻيٽ نيلام ڪري وفاقي سرڪار اها سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪري رهي آهي. اهڙي ريت سنڌ جي وسيلن تي قبضا غيرآئيني، غيرقانوني ۽ غير جمهوري آهن ۽ سنڌ جي شهر ڪراچي، ڳوٺن ۽ ساحلي پٽين تي قبضي ۾ سڌي ريت پيپلزپارٽي ملوث رهي آهي.وفاق پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ لاءِ صدارتي آرڊيننس آندو ويو ۽ سنڌ جي ملڪيت ۽ سنڌ جي وسيلن تي وفاق قبضو ڪيو. وفاق جي ان قبضي تي پيپلزپارٽي خاموشي اختيار ڪئي. پيپلزپارٽي جي ان خاموشي مان اهو ثابت ٿيو ته پنهنجو ڏوهه لڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪري.  هنن پنهنجي ڏوھ کي لڪائڻ لاءِ نئين اداڪاره (آصفه) جي سياست ۾ انٽري ڪرائي آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي سموري تاريخ تي نظر ڪئي وڃي هنن جي غلط پاليسين ۽ انهن جي مفاد پرستي تي ڪتاب لکڻ جوڳا آهن. هنن پنهنجي چند مفاد خاطر سنڌ ۽ ملڪ جي دشمنن ايم ڪيو ايم جهڙي دهشتگرد تنظيم سان اتحاد ڪيو. پيپلزپارٽي جمهوري پارٽي نالي ۾ غير جمهوري قوتن ساٿارين جي اتحاد بڻجي گڏجي ڪم ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي حڪومت هميشه غير جمهوري قوتن جا ساٿاري رهي آهي.  پيپلزپارٽي جي حڪومت لڪ ڇپ ۾ وفاقي حڪومت سان اتحادڪراچي ڪميٽي جوڙي ۽ ڪراچي جو شهر سنڌ کا کسيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي ڪراچي ڪميٽي کان وٺي سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضي تائين وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏنو. جيڪي به سنڌ سان ٿيندڙ سڀئي سازشون آهن ان ۾ پيپلزپارٽي جو منافقڻو رويو هيو. پر اڄ تائين هنن پنهنجي ساڳي ميساڻائپ ۽ منافقي روپ نه ڇڏيو آهي. شايد انهن کي اهو روپ ورثي ۾ مليو هجي. يعني هنن جو ڪو هڪ روپ ناهي جو هي پنهنجو عوام آڏو ڏيکاري سگهن. اهڙن قسمن جي ڪمن بعد هڪ نئون چال کيڏيو ۽ هنن پنهنجي نئين اداڪاره تيار ڪري ميدان تي لاٿي. نئين اداڪاره اسٽيج تي به خوب انداز سان پنهنجي فنڪاري ظاهر ڪئي. پيپلزپارٽي پنهنجي نااهلي لڪائڻ ۽ پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ هنن پنهنجي نئين راند کيڏي هئي. ان نئين اداڪاره جي شروعات ملتان جلسي کان ڪئي. پيپلزپارٽي سنڌ سان ٿيل غلط پاليسين ۽ پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ هنن پنهنجي نئين ڊرامي جي شروعات ملتان جلسي کان ڪرائي. ايتري قدر جو هنن جي نئين آندل اداڪاره جي تعريفن جا قصيدا ڳايا ويا. پنهنجي غلطين تي پردو ڏيارڻ لاءِ هنن اها چال کيڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.