سنڌ جي سندر ليکڪا ڊاڪٽر ريحانه نظير

تحرير: صدام جوکيو

ادب ۽ ٻوليءَ جي ميدان ۾ هڪ ليکڪ جي صورت ۾ پاڻ مڃائڻ نهايت ئي محنت طلب ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ سٺي ليکڪ لاءِ ضروري آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ هو لکي ٿو ان ۾ ان جو گهڻ پاسائون ۽ ججهو مطالعو هجڻ گهرجي، هڪ تخليقڪار کي وري مٿين ڳالهين سان گڏ مشاهدي جي به تمام گهڻي ضرورت پوندي آهي،

هڪ سٺي تخليقڪار لاءِ مٿي بيان ڪيل نڪتن کان علاوه انسانيت لاءِ محبت، ٻين جي درد ۽ تڪليف کي محسوس ڪرڻ جي سگهه، شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي حالات زندگيءَ جي ويجهو کان واقفيت ۽ اکين ڏٺو مشاهدو هئڻ به ضروري هوندو آهي.

ڊاڪٽر ريحانه نظير هڪ اهڙي ڏاهي ليکڪا آهي، جنهن وٽ ججهي مطالعي سان گڏ ٻهراڙيءَ توڙي شهر جي زندگيءَ جو وڏو مشاهدو به آهي. هوءَ سماجي وارتائن جي چٽي عڪاسي ڪندڙ بهترين ڪهاڻيڪار به آهي ته سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ بهترين محقق به آهي، ان کان علاوه مضمون نگار، تجزيه نگار، ڪالم نويس، ماهرِ تعليم ۽ مختلف ڪتابن تي اثرائتا تبصرا لکڻ جو ڀرپور ڏانءُ پڻ رکي ٿي.

ڊاڪٽر ريحانه نظير جي پهرين ڪهاڻي بنا عنوان هئي جيڪا  ”سرتيون“ مئگزين ۾ شايع ٿي ۽ پوءِ مسلسل لکندي رهي، هوءَ پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”اندر جي عدالت“ جي عنوان سان سنڌ جي رچيل شعور کي ارپي چڪي آهي ۽ اُن کان علاوه مختلف رسالن ۽ ميگزينن ۾ سندس ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهن ٿيون. مون اڄ کان سال کن پهريان سندس اهو ڪهاڻين جو مجموعو مڪمل پڙهيو هو، سندس ڪهاڻين ۾ ڪردار ۽ ڊائلاگس ۾ هم آهنگي ايتري آهي جو تر جيترو تفاوت به معلوم نٿو ٿئي. ڪردارن سان بلڪل ٺهڪي بيهندڙ ڊائلاگس انسان جي فطري زندگيءَ جو صاف ۽ شفاف عڪس پيش ڪن ٿا.

سندس ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل مرڪزي فڪر ايترو ته چٽو آهي جو پڙهندڙ آسانيءَ سان سندس خيال ۽ فن کي رسي سگهي ٿو. سندس ڪهاڻيون اندر سڀا جي اوصافن تي اهڙا ته اثر ڇڏين ٿيون جو ڳپل عرصي تائين پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ لپيٽي رکن ٿيون ۽ ڪن نون رستن ۽ نئين مڪطبهءِ فڪر ڏانهن توجهه ڇڪرائين ٿيون.  سندس تخليقن ۾ معاشري جي جيئري جاڳندي ۽ حقيقي زندگيءَ جا رنگ سمايل آهن، جن ۾ عورت ۽ مرد وچ ۾ اڻ برابري سبب عورت سان ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد جي چٽي تصرير پيش ڪيل آهي ته غريب، مفلس، محتاج ۽ اٻوجهه عوام سان پيش ايندڙ مختلف مسئلن تي به روشني وڌي وئي آهي، وٽس فرسوده ۽ بي فائده روايتن خلاف مزاحمت به آهي ته رياستي نظام جي هٿ ٺوڪين واعدن ۽ عملن جو وضاحت سان چٺو پڻ پڙهي سگهجي ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ انڌير، انياءُ ۽ ڪنياءُ جو مچ ٻاريندڙ سرمائيداري نظام جي پت کي وائکي ڪرڻ جون ڪامياب ڪوششون به موجود آهن ته دردن جا من لڀائيندڙ داستان ۽ بااثر قوتن خلاف اُٿاريل اهڙا آواز به آهن جن جي گونج ظلم جي سيني کي سوراخ ڪرڻ جي پوري سگهه رکي ٿي.

ڊاڪٽر ريحانه نظير سماج لاءِ لکيو آهي، سماجي زندگيءَ جي حقيقي تصوير ڪشي ڪئي اٿس ۽ اُن سماج تي ئي ڇڏيو اٿس ته سندس ڪهاڻين کي ڪيئن ڏسن ٿا، جيئن پاڻ چيو اٿس ته، ”منهنجي ڪهاڻي يا ان جا ڪردار اسان جي سماج مان ئي ورتل هوندا آهن، سو انهن جي باري ۾ پسند يا ناپسند جو اختيار به انهن پڙهندڙن کي ڏيندس ته اهي انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين“.

محترمه ڊاڪٽر ريحانه نظير 8 جنوري 1971ع تي ڳوٺ سيتا ننڍي، ضلعي دادوءَ جي هڪ معزز ۽ علمي گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد غلام محمد ملاح تعليم و تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل هڪ علمي ۽ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن جي تربيت جو ئي اثر هو جو ڊاڪٽر ريحانه هن مقام تي رسي سگهي آهي. هُن مئٽرڪ جو امتحان رحماني ننگر ۾ ڏنو ڇاڪاڻ اُن وقت سندن ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول جي سهولت موجود نه هُئي ۽ انٽر، بي اي ۽ ايم اي جي تعليم دادو ڪاليج مان حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي تعليم جي سفر کي مسلسل جاري رکندي ايم فل ۾ داخل ٿي ۽ لڳاتار محنت، جهدجفا ۽ ڪوششن سان هُن آخر 2015ع ۾ سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، سندس نهايت معياري ۽ جامع ٿيسس جو ڪتاب ”جديد انقلابي فڪر جو ترجمان – نجم عباسي“ جي عنوان هيٺ ڪويتا پبليڪيشن پاران شايع ٿي چڪو آهي، ” هن ڪتاب ۾ افساني جي مختصر تاريخ سان گڏ افساني جو مختلف مرحلن مان گذرڻ ۽ ان سان گڏ مختلف سياسي، سماجي تحريڪن جي  پس منظر ۾ افساني جي جانچ پڻ ڪئي ويئي آهي. ليکڪا ڊاڪٽر ريحانه نظير نه صرف ورهاڱي کان پهرين جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر ۽ ان جو ترويج ۽ مختلف ادبي انقلابي لاڙن جو جائزو وٺندي، ان دور جي ڪهاڻيڪارن جي فن ۽ فڪر جي موضوعن بابت لکيو آهي، پر گڏوگڏ هن ورهاڱي بعد يڪمشت رونما ٿيندڙ سياسي تبديلين تي پڻ روشني وڌي آهي. لڏپلاڻ، ون يونٽ، ٻوليءَ جو مسئلو سنڌ کان وڏن شهرن جو کسجي وڃڻ، سنڌ جون زمينون ورهائڻ وغيره خلاف سنڌي ادبي لڏي جي ڀرپور مزاحمت ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيل نجم عباسيءَ جون ڪهاڻيون ۽ انهن جي سنڌ جي ٻين ان دور سان واسطو رکندڙ ڪهاڻيڪارن فن ۽ فڪر جي ڀيٽ ڪرڻ سان گڏ انهن حالتن ۽ واقعن جو پڻ ذڪر شامل آهي جنهن ادبي محاذ تي مزاحمت جي لهر پيدا ڪئي“

ڊاڪٽر ريحانه ملازمت جي حوالي سان هڪ بهترين استاد جي حيثيت ۾ پهريائين پنهنجي ڳوٺ ۾ 1990ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿي ۽ پوءِ دادو اسڪول ۾ 6 سال هيڊ مسٽريٽ جي حيثيت سان رهي، جنهن بعد 1999ع ۾ هوءَ ڄامشوري فاٽڪ تي ساڳي طرح استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، ايل ايم سي ڄامشورو ۾ هُن 8 سال خدمتون سرانجام ڏنيون، ان کانپوءِ ڄامشورو ڪالونيءَ جي اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان رهي ۽ پوءِ حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ سندس مقرري ٿي، محمد بخش شورو حيدرآباد ۾ به رهي ۽ آخري وقت تي پاڻ ڀٽائي ٽائون حيدرآباد جي اسڪول ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي ته سندس محنت ۽ ذهنيت رنگ لاتو ۽ آخر 2018ع ۾ سندس اپائمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان ٿي جتي هوءَ هن وقت به بي بها خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. کيس بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ 2016ع ۽ 2017ع ۾ ٻه ڀيرا ملي چڪو آهي، ڊاڪٽر ريحانه نظير وومين ايڪشن فورم جي مسلسل ميمبر رهي کوڙ ساريون سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.