اسلام آباد ( م ڊ ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته جڏهن وزيراعظم چوي بليڪ ميل نٿو ڪري سگهجي ته مطلب انا رياست کان وڏي آهي. پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته وزيراعظم جو رويو فاشزم جي دڳ تي آهي، صدر پاڪستان لاشن تان اڏام ڪري گوادر پهتو پر ڪوئيٽا ۾ نه لٿو، رياست شهرين لاءِ ماءُ جهڙي آهي، آئين جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميواري فراهم ڪري ٿو.