وزيراعظم وٽ ڪتن سان کيڏڻ جو وقت آهي پر مظلومن وٽ نٿو وڃي: مريم نواز

ڪراچي/ ڪوئيٽا (م ڊ ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اوهان وٽ ترڪش  ڊراما ڏسڻ لاءِ وقت آهي پر مظلومن جي مٿي تي هٿ رکڻ لاءِ ناهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جي مڇ سانحي بابت ڏنل موقف جي ردعمل ۾ مريم نواز جو چوڻ آهي ته اها بيحسي جي انتها آهي، توهان تي 22 ڪروڙ عوام جي ذميواري آهي، ماڻهن جي آهن دانهن کي بليڪ ميلنگ چوندا ته ان تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته هو پنهنجن پيارن جا لاش اڳيان رکي ويٺا آهن، ڇا انهن جي لاشن کان وڌيڪ اوهان جي انا وڏي آهي؟ هو چئي رهيا آهن ته اوهان اچو، انهن جي مٿي تي هٿ رکو، اهي چئي رهيا آهن ته انهن کي ڪجهه يقين ڏياريو، اسان لاش دفنائين ڇڏينداسين ۽ ان کي اوهان بليڪ ميلنگ چئي رهيا آهيو، اهو اوهان جو فرض آهي، اهو اوهان کي پورو ڪرڻو پوندو. ليگي اڳواڻ چيو ته توهان وٽ ترڪش ڊراما ڏسڻ ۽ اداڪار سان ملڻ جو وقت آهي، اوهان وٽ ڪتن سان کيڏڻ جو وقت آهي پر مظلوم ماڻهن جي مٿي تي هٿ رکڻ جو وقت ناهي؟.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.