اسامه ستي قتل ڪيس، 5 پوليس اهلڪار نوڪرين مان برطرف

اسلام آباد ( م ڊ ) گهرو وزارت اسلام آباد ۾ يونيورسٽي  جي شاگرد نوجوان اساما ستي جي قتل ۾ ملوث 5 ئي پوليس اهلڪار کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو.گهرو وزارت اهلڪارن جي  برطرفي جو  نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن مطابق برطرف ڪيل  پوليس اهلڪارن ۾ سب انسپيڪٽر افتخار، سپاهي مصطفيٰ،شڪيل ، مدثر ۽ سعيد شامل  آهن. واضح رهي ته رات جي اونداهي ۾ اسلام آباد  جي سي ٽي ڊي اهلڪارن  نوجوان کي گوليون هڻي  ڪوڙو مقابلو ڄاڻايو هو.پوليس اهلڪارن جو چوڻ هو ته گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انهن تي فائرنگ ڪئي وئي، جوابي فائرنگ ۾ هو مارجي ويو.جاچ پڙتال کانپوءِ  واضح ٿيو ته پوليس اهلڪارن ڪوڙ ڳالهايو ۽ نوجوان کي گوليون هڻي ماريو ويو.جوابدارن جي خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي ۽ هاڻ عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.