سنڌ جي جيلن ۾ ڪورونا سٽيل عورتون گهڻيون هئڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي محتسب  ڪورونا جو شڪار عورت قيدين بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي،رپورٽ ۾ انڪشاف  ڪيو ويوآهي ته سڀني کان وڌيڪ ڪورونا جو شڪار قيدي سنڌ جي جيلن ۾ قيد آهن.جيلن ۾ قيد عورتن جي  خراب حالت بابت رپورٽ وفاقي محتسب پاران اعليٰ عدالت ۾  جمع ڪرائي وئي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي جيلن ۾ سڀني کان وڌيڪ 291 ڪورونا جا پازيٽو ڪيسز سامهون آيا آهن.رپورٽ مطابق  ڪي پي ۾ 126، بلوچستان ۾ 80 ۽ پنجاب ۾ ٽن قيدين جي ٽيسٽ پازيٽو آئي.محتسب اعليٰ جي رپورٽ  ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  بلوچستان کانسواءِ  ٽنهي صوبن جي جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي بند آهن، جڏهن ته پنجاب جي جيلن ۾ وڌيڪ عورتون قيد آهن.وفاقي محتسب هر ضلعي ۽ اسلام آباد ۾ جيل قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ويو آهي ته جيلن ۾ عورتن،ننڍن ٻارن ۽ نشي جي عادي قيدين لاءِ الڳ الڳ جاءِ مختص ٿيڻ گهرجي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.