نوابشاھ ويجهو ڪوھيڙي سبب ڪوچ ڪلٽي، 3 مسافر فوت، 10 زخمي

نوابشاھه (رپورٽ : اڪرم چانڊيو) نوابشاھ ڀرسان ڪوھيڙي سبب پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽي مسافر فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا.نوابشاهه ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي جي زيرو پوائنٽ اڪبر موڙ وٽ پنجاب جي لياقت پور شھر کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ شھزاد ايڪسپريس ڪوھيڙي سبب روڊ تان لهي ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٽي مسافر 23 سالن جو ابرار پٽ فضل احمد، 50 سالن جو حضور بخش، 45 سالن جو غلام حسين موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته 10 مسافر حضور بخش، شميم حاجرہ بيبي، عابد، طاھران، نغمه بيبي، عبدالصبور، محمد شفيق، شھناز بيبي زال مشتاق احمد، فھد زخمي ٿي پيا، جن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، فوتي ۽ زخمي رحيم يار خان ۽ لياقت پور جا رھواسي ٻڌايا وڃن ٿا.

ڊکڻ ويجهو  ڪار جو موٽر سائيڪل کي  ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي

ڊکڻ ( ن ع آ  )  ڊکڻ ڀرسان شادي لاڙي وٽ جيڪب آباد – رتوديرو انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو ،  جنهن جي  نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ وارياسو واسي دائود  عرف معشوق ڪٽوهر ٿڌي تي فوت ٿي ويو آهي، عبدالنبي بغدار ۽ حسين بخش ڪٽوهر زخمي ٿي پيا.زخمين کي وارث لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي ويا،  جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي. اطلاع تي پوليس پهچي ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي، ڊرائيور فرار ٿي ويو.

ٺٽي لڳ روڊ حادثو، 2 نوجوان فوت، 3زخمي

ٺٽو/ دڙو (رپورٽ: منصور جلالاڻي+ منٺار ٺاراڻي) ٺٽي لڳ تيز رفتار لينڊ ڪروزر گاڏي  جو ٻن موٽر سائيڪلن  کي ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾  2 نوجوان فوت ۽  2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.سجاول روڊ تي ٺٽو شگر مل ڀرسان تيز رفتار لينڊ ڪروزر ٻن موٽر سائيڪلن کي زوردار ٽڪر ھنيو جنهن  سبب  موٽر سائيڪل سوار سجاول واسي حشام الدين شاعر ۽ دڙو واسي نوجوان فرحان ميمڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته  سجاول واسي دوست علي ٻاگھل، اعجاز علي ٻاگھل سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،جڏهن ته  لينڊ ڪروزر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري رستي ڀرسان کاھي ۾ ڪري پئي ۽ ان  ۾سوار لينڊ ڪروزر کي ڇڏي، ٻي لينڊ ڪروزر ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا.واقعي واري ھنڌان گذرندڙ گاڏين جي مسافرن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ پھچي زخمين کي سول اسپتال مڪلي پھچايو، جتان  ھڪ اڻڄاتل شخص کي ڳڻتي جوڳي حالت ڪراچي ريفر ڪيوويو، اطلاع تي ٻنهي فوتي نوجوانن جا وارث سول اسپتال ٺٽو پهچي نوجوانن جا لاش  ضروري ڪارروائي بعد کڻائي ويا. جڏهن ٻن زخمين جو سول اسپتال ٺٽي ۾ علاج جاري آهي.فوتي فرحان ميمڻ  گذريل ڪجهه سالن کان گلشن حديد ۾  رهائش پذير هو،ڪالهه دڙي مان ٿي واپس گلشن حديد وڃي رهيو هو.

ڪراچي سٽي ڪورٽ جي ڪيفي ٽيريا ۾ باهه

ڪراچي (رپورٽر )سٽي ڪورٽ جي ڪيفي ٽيريا ۾ اوچتو ٻاهه لگي وئي ، ٻاهه لگڻ سان وڪيلن ۽ سائلين ۾ خوف پکڙجي ويو .جڏهن ته گئس جي مين لائن بند ڪري باهه وسائي وئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.