سنڌ سڀا اڳواڻن جي گرفتارين خلاف مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سڀا پاران جبري گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي ۽ سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي سميت ٻين اڳواڻن جي گرفتاري  خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پنجين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتال جاري رهي، بک هڙتالي ڪيمپ تي نظيرکوکر، حسين ڏاهري، عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، سنڌو امان چانڊيو، شازيه چانڊيو، ايوب ڪانڌڙي جي نياڻي ماروي ڪانڌڙو، شبيران آرائين ۽ ٻين چيو ته رات جي اونداهي ۾ سنڌ سڀا جي پر امن قافلي مٿان اوٻاوڙو پوليس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ انعام عباسي، شعيب چانڊيو، شبير لغاري، نور باگڙي، الله ڏنو راهمون، کي گرفتار ڪري جهڙتو مقابلي جا ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته اوٻاوڙو پوليس جي ظلم جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.