مچ سانحي جي متاثرن تي بليڪ ميلنگ جو الزام شرمناڪ عمل آهي: فيصل ڪنڊي

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مچ سانحي جي متاثرن مٿان بليڪ ميلنگ جو الزام شرمناڪ عمل آهي، پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته قوم کي سليڪٽيڊ، نالائق ۽ سنگدل وزيراعظم جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، عمران خان مچ سانحي جَي متاثرن جي توهين بند ڪري، عمران خان چونڊيل وزيراعظم هجي ها ته سانحي جي ٻئي ڏينهن متاثر خاندانن وٽ هليو وڃي ها، مچ سانحي جا متاثر بي رحم شخص مان انصاف جي اُميد نه رکن.

 مچ سانحي ۾ ملوث عنصر انسانيت جي دائري مان خارج آهن: قاسم خان سوري

ڪوئيٽا (م ڊ ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته مچ سانحو انتهائي سفاڪاڻو فعل ۽ ان ۾ ملوث عنصر انسانيت جي دائري مان خارج آهن . شهيدن جون ميتيون اهڙي طرح رستي تي رکي انهن جي آخري سفر ۾ رڪاوٽ اسان سڀني جي لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ عمل آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.