بلوچستان حڪومت جي خاتمي کانسواءِ سڀئي مطالبا مڃينداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد (  م ڊ ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪنهن وقت به ڪوئيٽا وڃي سگهي ٿو، ايندڙ 3 مهينا سياست لاءِ  نهايت ئي اهم آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اسلام آباد مان سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪيون، 6 وارداتن مان 4 جا جوابدار گرفتار ڪيا ويا، ويزا آن لائين ڪري ڪرپشن ختم ڪري ڇڏي، ايگزٽ جي ويزا به آن لائين ڪري رهيا آهيون، ايف آءِ اي ۽ نادرا کي به ٺيڪ ڪنداسين. شيخ رشيد چيو ته 19 جنوري تي مخالف ڌر اليڪشن ڪميشن سامهون اچي رهي آهي، فارن فنڊنگ ۾ پ پ ۽ ن ليگ جون صحيحون ناهن، پي ڊي ايم جا جلسا ناڪام ٿي رهيا آهن، ايندڙ 3 مهينا سياست لاءِ نهايت ئي اهم آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن وقت به ڪوئيٽا وڃي سگهي ٿو، اسان جي راءِ کان پهرين ئي وزيراعظم ڪوئيٽا وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، حملي ۾ جيڪي افغاني شهيد ٿيا تن جي وارثن کي به پئسا ڏيڻ چاهيان ٿو. شيخ رشيد واضح ڪيو ته آءِ جي اسلام آباد کي اساما ستي واري حساس معاملي تي هٽايو، ايف آءِ اي جي آفيسرن کي به تبديل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.