سنڌ ۾ 25 ڊيزل هائبرڊ بس اسڪيم جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر  شاهه چيو آهي ته انٽراسٽي بس منصوبو سنڌ حڪومت جي غور هيٺ آهي ۽ جلد 25 ڊيزل هائبرڊ بسن جي اسڪيم شروع ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي بابت ميمبرن جي لکت توڙي ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. پي ٽي آءِ ميمبر ارسلان تاج چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ جي اسڪيم تي هڪ رپيو به خرچ نه ٿيو، پي ٽي آءِ جي ميمبر سعيد آفريدي پڇا ڪئي ته انٽراسٽي بس منصوبو ڪڏهن مڪمل ٿيندو جنهن تي اويس قادر شاهه ٻڌايو ته انٽراسٽي بس منصوبي جي فنڊن لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلي آهي، ڪراچي ۾ 250 بسون هلندڙ سال ئي شروع ٿي وينديون. اسپيڪر آغا سراج دراني ٽرانسپورٽ واري وزير کي چيو ته جڏهن نيون بسون اچي وڃن ته اسيمبلي ميمبرن کي به انهن ۾ گهمائڻ وٺي وڃو. جي ڊي اي جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي ۾ کاڌي پيتي جو ڪم وڌيڪ آهي. پيپلز پارٽي جي حڪومت 12 سالن ۾ هڪ بس به نه هلائي سگهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي خوبي آهي ته بسن جي تاريخ تي تاريخ ڏيندي آهي جنهن تي اويس قادر شاهه چيو ته نصرت سحر عباسي اسپيڪر جي ڪاوڙ مون تي ڪڍي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم به ڪراچي لاءِ 163 ارب رپين جو اعلان ڪيو پر اهي پئسا اڄ تائين نه ملي سگهيا. هن چيو ته ريڪارڊ تي رکو ته هن سال ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جا ٻه منصوبا شروع ٿيندو جنهن تي اسپيڪر چيو ته بسون جلد کان جلد اچڻ گهرجن. سعيد آفردي چيو ته پورو ڪراچي شهر لاوارث آهي ۽ اليون سي جي آسري تي هلي رهيو آهيو. ٽرانسپورٽ واري وزير چيوته اسان جي کاتي ۾ جهڙي طرح پروجيڪٽ اچڻ گهربا هئا اهڙي طرح اڃا تائين فنڊنگ ناهي ٿي. هن چيو ته جڏهن به بس ٽرمينل جو افتتاح ٿيندو ته نصرت سحر عباسي کي ضرور دعوت ڏيندس.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.