ٽرمپ جو يو ٽرن، حامين مان هٿ ڪڍي ويو

واسنگٽن  (م ڊ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيپيٽل  هل ۾ سندس حامين جي حملي کانپوءِ بي اعتمادي تحريڪ جي امڪان سبب يو ٽرن وٺندي سمورا الزام پنهنجي حامين تي مڙهي ڇڏيا آهن، حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ماڻهن جي مارجڻ بعد سڄي دنيا ۾ ٿيل مذمت بي اعتمادي رٿ جي خوف سبب پنهنجي حامين جي عمل کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو آهي، ٽرمپ يوٽرن وٺندي چيو ته مظاهرو ڪندڙن جمهوريت کي نقصان رسايو، ۽ جيڪي ماڻهو ان ۾ شامل هئا اهي اسان جي ملڪ جي نمائندگي نٿا ڪن، جن قانون ٽوڙيو آهي انهن کي ڀوڳڻو پوندو، ٽرمپ جي وضاحتن کي ماهرن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڪانگريس جي ميمبر ايڊم ڪنز پنهنجي پارٽي قيادت کي مخاطب  ڪندي چيو ته ٽرمپ عمارت تي حملي لاءِ ڀڙڪايو هو. ٽرمپ چيو آهي ته هو اقتدار جي منتقلي لاءِ پراميد آهي، هوڏانهن مخالف هن کي اڳ ۾ ئي هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيا اهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.