آمريڪا جو ايلون مسڪ دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو

نيويارڪ ( م ڊ ) ڪاروبار ۽ واپار جي حوالي سان شهرت رکندڙ اداري ” بلوم برگ“ دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب آمريڪي صنعتڪار ۽ اسپيس ايڪس ۽ ٽيسلا جهڙين ڪمپنين جو باني ايلون مسلڪ 195 ارب ڊالر دولت سان دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو آهي. دنيا جي 500 ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شروعات 10 مان 8 جو واسطو آمريڪا سان آهي. ايلون مسڪ جي دولت رڳو 29 ارب ڊالر هئي، جيڪا 2020 ۾ ڪورونا وبا دوران وڌندي رهي ۽ 159 ارب ڊالر جي اضافي سان گڏ هينئر 195 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، سندس ملڪيت ۾ 650 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ٻي نمبر تي جيف بيروز رڳو 4 ارب ڊالر فرق سان ٻي نمبر تي هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.