آمريڪي وفد پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو، فوجي قيادت سان ملاقات

راولپنڊي ( م ڊ ) آمريڪا جي بچاءَ واري نائب وزير جي اڳواڻي ۾ وفد جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو آهي، جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال  سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آمريڪي وفد جي قيادت بچاءَ واري نائب وزير ڊيوڊ هيلوي ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق آمريڪي وفد پاڪ_آمريڪا ڊفينس ڊائلاگ تحت مشاورتي دورو ڪيو، مشاورتي اجلاس ۾ خطي جي سيڪيورٽي معاملن ۽ ٻن طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر مطابق اجلاس ۾ پاڪ_آمريڪا فوجي سهڪار ۾ واڌ ۽ مضبوطي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ_آمريڪا وفدن خوشگوار ۽ تعميري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.