سنڌ حڪومت پاران ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ هڪ اجلاس اڄ سنڌ جي توانائي واري کاتي ۾ منعقد ٿيو. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ روزانو تقريبن 8000 ٽن ڪچرو پيدا ٿيندو آهي جنهن سان 200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته ڪچري مان بجلي بڻائڻ واري منصوبي جو سڀني کان وڏو فائدو اهو آهي ته ان سان ڪراچي شهر جي ڪچري کي ماحول دوست طريقي سان ضايع ڪري سگهي ٿو ۽  ان سان بجلي پڻ پيدا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم کي تيز ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ حتمي پاليسي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.